ٿيوو فقير لاشاري

ٿيوو فقير لاشاري: ٿيوو فقير لاشاري ميان نصير محمد ڪلهوڙي جو مريد، وڏو بھادر ۽ دلير شخص هو. هن ميان طرفان ڪيترين ئي جنگين ۾ حصو ورتو. سندس فرزند فتح فقير عرف ڦتو فقير، ميان يار محمد جي خاص اميرن ۾ شامل هو. هن وقت سندس پونئير دادو شھر جي ڏکڻ اوڀر جي ڪنڊ تي اٽڪل ٽن ميلن جي مفاصلي تي جيئند لاشاريءَ جي ڳوٺ ۾ رهن ٿا. سندن چڱو مڙس رئيس غلام حسين لاشاري آهي.


لفظ ٿيوو فقير لاشاريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو