ٿيٻاٽ ڍنڍ

ٿيٻاٽ ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ ڄامشوري ضلعي جي سيوهڻ تعلقي ۾ ڳوٺ لڪي شاھہ صدر جي ڏکڻ اوڀر ۾ ٻن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي . چيو وڃي ٿو تہ ورهاڱي کان اڳ لڪي شاھہ صدر جو ئي هڪ هندو سيٺ جوهرلال جيڪو مڇين ۽ پکين جو وڏو واپاري ٻڌايو وڃي ٿو ، سو هن ڍنڍ جي مڇي وڏي تعداد ۾ مارائي ، اٺن ذريعي لڪي ريلوي اسٽيشن تي آڻيندو هو ۽ اتان بعد ۾ ريل رستي هندوستان جي ٻين حصن ۽ ٻين ملڪن ۾ بہ اماڻيندو هو . هن ڍنڍ ۾ اڃا بہ مڇي ماري وڃي ٿي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو