ٿيٻو: سميجا قبيلي جو فرد، جنهن مان ٿيٻا ٿيا. نسب نامي موجب، سندن شجرو هن طرح آهي: ٿيٻو پٽ انڙ پٽ سمون پٽ رائڌڻ پٽ ڪاڪو پٽ سمون پٽ انڙ پٽ لاکو پٽ لاکيار پٽ اوڍو پٽ اوڍار پٽ نيٽ پٽ نوتيار. ”تاريخ مظهر شاھجھاني“ ۾ يوسف ميرڪ لکيو آهي تہ ٿيٻا، سميجا ڪل مان آهن. محقق لکن ٿا تہ انڙ پٽ سمي کي 28 پٽ هئا، جن مان وڏي پٽ جو نالو ”ٿيٻو“ هو، جنهن جي اولاد پاڻ کي ذات جا ٿيٻا سڏايو. ٻئي پٽ جو نالو ”هوٿي“ هو، جنهن جي پٽ جو نالو پڻ ”ٿيٻو“ هو، انهن بہ پاڻ کي ”ٿيٻا“ سڏايو.
ٿيٻي مان ڦٽل ذاتيون آهن: ڀنڀرا، ڀاڻوجا، سنگراسي، راڄپر، ملاڻا، ملاڻ، دل، مگسي، راهو، نرھہ، هوٿي، کيبر، جوڻا ۽ جوڻيجا وغيرھہ. ٿيٻا ذات جا خاص پاڙا، آٿراڻي، ڀنڀڻ، گهرگاڻي، جهالوڪ، عيساڻي، ڪلرجا، ڪمار، ممياڻي ۽ ساندجا آهن.
هن نالي سان سنڌ ۾ ڪي ديهون آباد آهن، جيئن تہ: حيدرآباد تعلقي جي ديھہ ٿيٻا ۾ ’بچو لاشاري‘، ’حاجي محمد رحيم ٿيٻو‘ ۽ ’غلام محمد ٿيٻو‘ ڳوٺ شامل آهن.
تعلقي ننگرپارڪر ۾ بہ ٿيٻن جا ڪيترائي ڳوٺ آباد آهن.