ٿڌاڻي، انيـل

ٿڌاڻي، انيـل

ٿڌاڻي انيل

ٿڌاڻي، انيـل: هندستاني فلم انڊسٽريءَ جي نامور اداڪارہ روينا ٽنڊن جو مڙس انيل ٿڌاڻي، سنڌي ڪٽنب سان تعلق رکي ٿو. هن جو تعلق بہ ساڳئي کيتر سان آهي ۽ فلم ڊسٽريبيوٽر آهي. سندن دوستي، فلم ’اسٽمپڊ‘ (Stumped: 2003) جي سيٽ تي ٿي ۽ شادي 2004ع ۾ ٿي هئي، جنهن مان کين ٻہ ٻار آهن. هن وقت پنھنجي ننڍپڻ جي دوست هڪ ٻئي اڌ سنڌي هدايتڪار ڪرن جوهر سان گڏجي ڀائيواريءَ ۾ ڪاروبار ڪرڻ لاءِ سندس فلم ’اگني پٿ‘ (جنهن ۾ هرتڪ روشن ۽ پريانڪا چوپڙا هيرو ۽ هيروئن آهن) جا سمورا ٿيٽريڪل حق واسطا حاصل ڪيا اٿس. هن کان اڳ وديا پالن جي مشھور فلم ’ڊرٽي پڪچر‘ جي ڊسٽريبيوٽر طور وڏو ناڻو ڪمايو. هن ڪرن جوهر ۽ اديتيا چوپڙا سان سڊنهم ڪاليج آف ڪامرس اينڊ اڪنامڪس چرچ گيٽ مان گريجوئيشن ڪئي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو