ٿڌاڻي هوتچند

ٿڌاڻي،هوتچند: هوتچند ٿڌاڻي سنڌي ٻوليءَ جو سٺو ليکڪ هو. هن پنھنجي ڀاءُ اتمچند جون تقريرون ”اتم چند جون تقريرون“ نالي سان ڪتاب جي صورت ۾ سال 1896ع ۾ ڇپرايون. ان کان پوءِ ٽالپرن تي ڪجهه مضمون لکيائين، جيڪي 1938ع ۾ ”سنڌ جا مير“ عنوان سان ڇپيا .


هن صفحي کي شيئر ڪريو