ٿڌاڻي ڏيئومل گاگن مل

ٿڌاڻي، ڏيئومل گاگن مل: مشھور ليکڪ ۽ صحافي ڏيئو مل گاگن مل ٿڌاڻيءَ 1863ع ۾ حيدرآباد ۾ جنم ورتو. حيدرآباد ۾ ئي سنڌيءَ ۽ سنسڪرت جي تعليم حاصل ڪيائين. هو انگريزيءَ جو بہ چڱو ڄاڻو هو. ان ڪري کيس هيرانند اڪيڊميءَ ۾ پڙهائڻ لاءِ رکيو ويو. جتي هن انگريزيءَ ۽ سنسڪرت جي تعليم ڏيڻ شروع ڪئي. هي هفتيوار
”ديش سڌار“ جو ايڊيٽر بہ رهيو.
1897ع ۾”رام نواس“ نالي هڪ ڊرامو لکيائين، جنهن ڏاڍي مقبوليت ماڻي. جيتوڻيڪ ان ڊرامي جو بنيادي مقصد مذهبي پرچار هو، پر ان هوندي بہ سنڌي ادب ۾ اضافي جو ڪارڻ هو. ڊرامي ۾ گيت ۽ نظم بہ شامل هئا. ٿڌاڻي ڏيئو مل 1913ع ۾ حيدرآباد شھر ۾ ئي گذاري ويو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1963.00.00  عيسوي

ڏيئومل گاگن مل: مشهور ليکڪ ۽ صحافي ڏيئو مل گاگن مل ٿڌاڻيءَ 1863ع ۾ حيدرآباد ۾ جنم ورتو .


1913.00.00  عيسوي

ٿڌاڻي ڏيئو مل 1913ع ۾ حيدرآباد شهر ۾ ئي گذاري ويو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حيات سنڌي ڊاڪٽر
جئسنگهاڻي شنڀو
استاد بخشو خان
الطاف شيخ
جمن چارڻ
الھہ رکا
تاج العاشقين محمد سنڌي
ڄام لاکو ڦلاڻي
راول شھزادو
الھہ بخش محمدي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون