ٿڌو: هن نالي سان هڪ ديھہ، يو سي-3 گڏاپ ٽائون، ضلعي ملير، ڪراچيءَ ۾ آهي، هتان ”ٿڌي“ نالي سان هڪ نئن گذري ٿي، جيڪا ڄامشوري ضلعي جي قديم ڳوٺ ’مول‘ کان شروع ٿئي ٿي ۽ سبزي منڊيءَ ڀرسان ڇوڙ ڪري ٿي، جتي ٿڌو نالي ڊئم بہ ٺاهيو ويو آهي. هن ديھہ ۾ ٿڌو نالي علائقو بہ آهي .