ٿڌو ڪمربند: جاگرافيءَ جي اصطلاح ۾ زمين جي گولي جي چوڌاري ايراضيءَ جو اهو پٽو، جتي ٿڌ هجي، ان کي ”ڪمربند“ چوندا آهن. دنيا ۾ اهڙا جملي پنج ڪمر بند آهن، جن مان ٻہ ٿڌا آهن: هڪڙو اُتر ٿڌو ڪمربند ۽ ٻيو ڏکڻ ٿڌو ڪمربند هرهڪ ٿڌي ڪمربند ۾ ڇھہ مهينا ڏينهن ۽ ڇھہ مهينا رات ٿيندي آهي .