ٿڌڙي (ننڍي ):هن ڏينهن تي صبح جو ٻارن، ٻڍن، گهر جي سڀني ڀاتين جي بدن تي آکڙيون، ٽڪڙيون ڇهائي، ڇنڊو هڻبو ۽ ٿڌو کائبو آهي.سمجهاڻي: گيتا وغيرہ شاسترن ۾ پاروٿي اَن کائڻ جي نِندا ڪيل آهي، پر ڪنهن خاص ڏِڻ تي انهيءَ کائڻ ۾ ڪو هرج ڪونهي. ڪارڻ اهو آهي تہ برسات جي مُند ۾ جَٺرانگني (هاضمي ڪرڻ جي طاقت) گهٽجي ٿي، مٺو، کٽاڻ وغيرہ کاڌا هاضمي جي طاقت کي وڌائيندا آهن، جنهنڪري تندرستي سٺي رهندي آهي .