ٿڙا صاحب گردوارو ملتان

ٿڙا صاحب گردوارو ملتان

ٿڙا صاحب گردوارو ملتان

ٿڙا صاحب گردوارو ملتان: سکن جو هي مقدس آسٿان، شاھہ شمس روڊ ملتان ۾ واقع حضرت شاھہ شمس سبز واريءَ جي مزار جي اڱڻ ۾ آهي. هي سادي سودي پڪين سرن ۽ گچ سان ٺهيل عمارت بنا ڪنهن شڪارو (Shikara) جي آهي، جنهن جي ڪنڊن تي ننڍيون گول منارڙيون ڏنل آهن، ٻيڙ ٻني کان مٿي ڪاشيءَ جي نيرين سرن سان ننڍي مني فٽ جي ڀت ڏنل آهي. ٻيڙ ٻني جي هيٺان 4 انچن جي ڪاشيءَ جي نيرين سرن جي پٽي ڏنل آهي. مهاڙيءَ ۾ هڪ ونگن سان لنگهہ آهي. لنگهہ جي ٻنهي پاسي دريون آهن، جيڪي ٻہ ساڄي ۽ کاٻي پاسي ٺهيل آهن، جن تي گهرو سائو رنگ ٿيل آهي. لنگهہ مٿان ڪاشيءَ جو جنسار ٿيل آهي، جڏهن تہ درين جي مٿان بہ ننڍيون ڪاشيءَ جون سرون جڙيل آهن. مهاڙي لنگهہ ۽ درين جي مٿان اڌ فوٽ جو نيرين ڪاشيءَ جي سرن جو پٽو ڏنل آهي جيڪو ٻنهي پاسن کان هيٺ تري تائين وڃي ٿو. ڏسڻ ۾ گردوارو ڳاڙهي رنگ جو نظر ايندو آهي. جنهن جو رنگ مرمت وقت تبديل ٿيندو آهي. ملتان شھر ۾ دولت دروازي جو چوڪ پار ڪندي ئي هيءَ عمارت نظر ايندي آهي، جيڪا حضرت شمس سبزواريءَ جي مزار جي اڱڻ ۾ ٺهيل آهي.
چون ٿا تہ ان جاءِ تي گرو نانڪ مختلف صوفين، سنتن ۽ بزرگن سان ملاقاتون ڪيون ۽ سک مت جو پرچار ڪيو. اڄ تائين هن مقام تي گردواري جي ڌار عمارت قائم ٿيل ناهي پر شاھہ شمس جي مزار جي اڱڻ جو ڪجهہ حصو گردواري لاءِ مخصوص آهي. راجہ رنجيت سنگهہ جي وقت ۾ ان جاءِ تي سک مت جون مڙئي ڌرمي رسمون (پرڪاش) ادا ڪيون وينديون هيون، پر انگريزن 1850ع ۾ انهن رسمن تي پابندي عائد ڪري ڇڏي. موجودہ وقت ۾ هيءُ گرد وارو، گرو نانڪ جي ملتان اچڻ جي ياد ۾ قائم آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو