ٿھيم

ٿھيم: هڪ ذات ۽ قبيلي جو نالو. تحفة الڪرام جي روايت موجب ٿھيم ”آل تميم“ عربي قبيلي سان واسطو رکن ٿا، تنهنڪري ٿھيم پاڻ کي ”تميمي“ بہ چوندا آهن. جسٽس (ر) عبدالرزاق ٿھيم پنھنجي تحقيقي ڪتاب “History of Arab Tribe THAHIM” ۾ هن ذات کي عربن جو هڪ قبيلو سڏيو آهي، جيڪي محمد بن قاسم سان گڏ 93 هين هجريءَ ڌاري سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا. ڪي ماڻهو پاڻ کي عرب جي ”تميم“ نالي هڪ انصاري، قريشيءَ جي نسل مان سڏرائيندا آهن. ٿھيم قبيلي جا ڪيترائي خاندان پنجاب جي مظفرڳڙھہ، چنيوٽ، ملتان ۽ ديري غازي خان ۾ بہ رهائش پذير آهن. سنڌ ۾ ٿھيم ڪافي تعداد ۾ رهن ٿا، جن جا هيٺيان پاڙا مشھور آهن: (1) دلاور زئي، (2) منگي، (3) نهالاڻي، (4) ڪمالاڻي، (5) محمداڻي ۽ (6) پرياڻي/ پارياڻي.
شهدادپور، جيڪب آباد ۽ ٺٽي طرف هن قبيلي جا ماڻهو اڪثريت سان آباد آهن. ضلعي بھاولپور ۾ بہ ”ٿھيم“ گهڻي تعداد ۾ رهندڙ آهن. هن نالي سان حيدرآباد ۽ سنجهوري تعلقن ۾ ڪي ديهون پڻ آهن. تعلقي حيدرآباد جي ديھہ ”ٿھيم“ ۾ ’الھڏنو نهڙيو‘، ’طالب نهڙيو‘ ۽ ’عثمان لاکو‘ ڳوٺ شامل آهن. سنجهوري تعلقي جي ديھہ ”ٿھيم“ ۾ هيٺيان ڳوٺ شامل آهن: ’پيروز خان ٿھيم‘، ’قائم خان جلالاڻي‘، ’پنھون خان پٺاڻ‘ ۽ ’شفيع محمد پنجابي‘. مشھور اديب رسول بخش ’تميمي‘ جاتيءَ جو رهاڪو بہ ٿھيم آهي.


لفظ ٿھيمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو