ڀئن پور

. ڀئن پُور: شاھہ عبداللطيف ڀٽائيرحه جي ڄمڻ واري هنڌ بابت محققن جا مختلف رايا آهن. ڪي چون ٿا تہ شاھہ عبداللطيف ڀٽائيرحه ڀئن پور، هالا حويلي ۾ ڄائو هو، جيڪا هالا جي پسگردائيءَ ۾ هئي. ڪن جو خيال آهي ته، اها هالا حويلي اڏيري لعل ۽ مٽياريءَ جي ڀرپاسي ۾ هئي. ڪي وري هالا حويليءَ جو محل وقوع ٽنڊي ڄام ڀرسان کٽياڻ ڳوٺ ٻڌائين ٿا. ڪن جو وري خيال آهي ته، ڀٽائي رحه جي ڄمڻ واري جاءِ ٽنڊي الھيار ۽ ٽنڊي آدم جي وچ تي عثمان شاھہ هُڙيءَ وٽ آهي. شاھہ صاحب رحه جي ڄمڻ واري هنڌ بابت ٻہ حوالا مضبوط نظر اچن ٿا. هڪ ”ڀئن پور“ ٻيو ”هالا حويلي“. ڀئن پور شاھہ عبداللطيف ڀٽائيرحه جي ڄمڻ واري وسنديءَ يا ڳوٺ جو نالو آهي. ساڳيءَ طرح هالا حويلي، انھيءَ ڳوٺ جي هالا محلي اندر سيدن جي رهائش گاھہ جو حوالو آهي. نااتفاقي ڀئن پور تي ناهي، پر ڀئن پور جي محلِ وقوع تي ٿيندي رهي آهي. هن ڳالھہ تي سمورا محقق متفق آهن ته، شاھہ عبداللطيف ڀٽائيرحه ڀئن پور جي هالا حويليءَ ۾ پيدا ٿيو هو. جيڪڏهن محقق تحقيق جي اصول کي سامهون رکي ڀئن پور جي محلِ وقوع تي غور ڪن تہ مونجهارو ختم ٿي سگهي ٿو. شاھہ عبداللطيف ڀٽائيرحه جي ڄمڻ جي هنڌ بابت تصديق ڪجهہ محققن جي بيانن ۽ تحريرن منجهان بہ ملي سگهي آهي. ڪلياڻ آڏواڻيءَ پنھنجي ترتيب ڏنل شاھہ جي رسالي ۾ لکي ٿو ته، ”شاھہ عبداللطيف ڀٽائيرحه 1689ع ۾ حيدرآباد ضلعي جي تعلقي هالا ۾ ”هالا حويليءَ“ ۾ ڄائو هو.“ ساڳيءَ طرح آفاق صديقي صاحب پنھنجي مضمون ”شاھہ عبداللطيف ڀٽائيرحه سلسلئه نسب“ ۾ لکي ٿو تہ ”جڏهن سيد حيدر مختلف جڳهين جو سير ڪندو سنڌ ۾ آيو تہ هالا علائقي جي هالا حويليءَ جي هڪ زميندار شاھہ محمد وٽ اچي مھمان ٿيو.“ آفاق صديقيءَ جي بيان مطابق سيد حيدر جي اچڻ کان پھرين به، هالا حويلي موجود هئي. سنڌ ۾ سيدن جي رهائش گاھہ کي حويلي سڏيو ويندو آهي. اوائلي دؤر ۾ شاھہ لفظ، نالي جي اڳيان ورتو ويندو هو. مثلاً شاھہ حبيب، شاھہ حيدر ۽ شاھہ لطيف وغيرہ. سيد محمد کي ئي شاھہ محمد چيو ٿي ويو، جنھن سيد حيدر کي پنھنجي نياڻيءَ جو سڱ ڏنو ۽ ان جي نسب مان شاھہ عبداللطيف ڀٽائيرحه پيدا ٿيو. آفاق صديقي چٽيءَ طرح هالا حويلي جو محل وقوع ”هالا حويلي“ هالا جي ڀرسان ٻڌايو آهي. انھيءَ ڀئن پور ۾ هالا برادريءَ جي محلي اندر سيدن جي حويلي هئي. جنھن کي هالا حويلي سڏيو ويندو هو. هالا جي پسگردائيءَ ۾ ٻيا بہ ڪيترائي ڳوٺ آباد هئا. مثلاً سک پور، سالارو، ڀاڻوٺ ۽ کاڻوٺ وغيرہ جيڪي اڄ بہ هالا جي پسگردائيءَ ۾ موجود آهن. ڄاڻايل سڀئي ڳوٺ درياھہ جي پائڻ سبب پنھنجا ماڳ مٽائيندا رهيا آهن. هالا پراڻا ۽ نوان پڻ انھيءَ نقل مڪانيءَ جو حصو رهيا آهن، جيڪي سنڌو درياھہ جي پائڻ سبب ٻن شھرن ۾ ورهائجي ويل آهن. ساڳيءَ طرح خاڻوٺ بہ ٻن شھرن ۾ ورهائجي هڪ درياھہ جي ساڄي ڪپ تي ۽ ٻيو کاٻي ڪپ تي آباد ٿيو. درياھہ جي زوراوريءَ سبب ڀئن پور بہ هڪ جڳھہ کان ٻي جڳھہ ڏانھن منتقل ٿيندو رهيو آهي. انھيءَ نقل مڪانيءَ سبب هن شھر کي بہ ماڳ مٽائڻا پيا. جنھن جو آخري ماڳ سنڌو درياھہ کان اولھہ طرف ۽ انڊس هاءِ وي کان اٽڪل پنج ڪلوميٽر اوڀر طرف ”شھر ڀيان“ جي نالي تعلقي ڪوٽڙيءَ جو مشھور ۽ خوبصورت شھر هو. هن شھر جو اصل نالو ڀئن پور هو. جيڪو ڀيان ذات جي ماڻهن سان منسوب هو. انھيءَ ڀئن پور جي هالا حويليءَ ۾ شاھہ عبداللطيف ڀٽائي رحه جنم ورتو. ڀين وارو اهو آخري شھر ۽ پتڻ 1956ع واري ٻوڏ سبب مڪمل طرح درياھہ جي نظر ٿي ويو.


لفظ ڀئن پورھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو