ڀائي

ڀائي: هي گگر جهڙو هڪ وڻ آهي، جيڪو ڪافي وڏو ٿيندو آهي. هن وڻ جا پن، گهوگهيٽا ۽ سواد ۾ بہ گگر جهڙو ٿئي ٿو، هن مان گگر يا انگٺ نڪرندو آهي، هن وڻ جي گهوگهٽين ( ٻج واري ڦر) کي جبل جا سرھہ ۽ گهيٽا وڏي شوق سان کائيندا آهن. گهوگهيٽا کائڻ ڪري جانورن کي اڃ نہ ستائيندي آهي.


لفظ ڀائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو