ڀائيبند پئنچات: رگ ويد واري زماني کان وٺي پئنچاتن جا مُکي ، وڏا سيٺ ۽ مالدار ھوندا ھئا . شھرن ۽ ڳوٺن جي صفائي ، روشنائي ۽ ٻيو ميونسپل ڪم ، سندن ھٿ وس ھو . سنڌ ۾ اھو دستور ، ڪلھوڙن ۽ ميرن جي صاحبين تائين ھلندو آيو . مير فتح علي خان حيدرآباد جي صفائيءَ ، روشنائيءَ وغيره جو ڪم ساگراڻي آڪهه وارن مان مکي تارا چند ڌرمداس ساگراڻيءَ جي ھٿ ھيٺ رکيو ھو . تاراچند کان پوءِ پٽس مکي ھيرانند اھو ڪم سنڀاليندو ھو . ديوان واڌو مل گنگارام جج ، پنھنجي ھڪ رسالي ” خدا آبادين لاءِ ڪنٺ مالا “ جي صفحي- 1 تي لکيو آھي: ميرن جي دور تائين ، شھر جي ميونسپالٽيءَ وارو ڪم ، خاص ڀائين ( ڀائيبندن ) جي حوالي ھوندو ھو . ان وقت تائين عاملن کي ڪا ڌار پئنچات ڪا نه ھئي . شھري ڪم لاءِ ھڪ ئي پئنچات ھئي . شھر جي ميڙ ۾ وڏو مکي ھيرانند رھندو ھو . ھندو ڀائر ، خدا آباد کان حيدرآباد ۾ اچڻ کان پوءِ پاڻ کي خدا آبادي عامل ۽ خدا آبادي ڀائيبند سڏائيندا ھئا ، ته به ھڪ يڪي نيات جا ميمبر ھئا . پئنچات يڪي ھئن ۽ مکي به ھڪڙو ئي ھو . مکي تاراچند توڙي پٽس مکي ھيرانند ، قديم زماني جي رواج پٽاندڙ ، شھر جا مکي ھئا ۽ نيات ۾ عاملن توڙي ڀائيبندن جي پاڙن ۾ ، شادي ۽ غميءَ وقت ، پاڙن جا پير مرد وڏا ٿي وھندا ھئا . آئي وئي جو آڌر ، گڏجاڻيون ، پرچاڻيون ۽ٻين سڀني ڳالھين کي پاڻيھي پيا منهن ڏيندا ھئا ، جڏھن ڪو ڀٽ ، جاجڪ وغيره کپندو ھونِ ، تڏھن به مکيءَ ڏانهن ماڻھو ڊوڙائيندا ھئا . شھر جي ڪنھن عام ڳالهه بابت ، ڪو ميڙ ٿيندو ھو ، ته ان ۾ مکي تاراچند ۽ کانئس پوءِ مکي ھيرانند مُکي ٿي ويھندو ھو . اھو دستور انگريزن جي صاحبيءَ جي اوائل واري وقت تائين ھلندو آيو . اڄ به سندن آڪهه ” مکين جي آڪھه “ سڏجي ٿي ۽ سندن گھٽي اڄ تائين ” مکي گھٽي “ ڪوٺجي ٿي . سنڌ جي هر ننڍي وڏي ڳوٺ توڙي شهر ۾ پئنچات هوندي هئي . اُتر سنڌ ، وچولي ۽ لاڙ جي پئنچاتن جو باقاعدي سرشتو هوندو هو . ريت رواج باقاعدي لکيل ۽ منظور ٿيل رسم تحت هلندو هو . هن وقت ڪن هنڌن تي پئنچائتي سرشتو رائج آهي ، پر اڳي وانگر مضبوط نه رهيو آهي . هاڻي چوندا آهن ته هرڪو ماڻهو پنهنجي گهر جو مُکي آهي .