ڀائي تيغ بھادر

ڀائي تيغ بھادر: گرو تيغ بھادر سنگهہ سکن جو نائون گرو هو، جيڪو 1621ع ۾ هندستان جي صوبي پنجاب جي امرتسر ۾ ڄائو. هن آنندپور جو شھر ٻڌايو ۽ پنھنجي سموري زندگي هندو ڌرم جي رکشا لاءِ ارپي ڇڏي. هي انهيءَ خيال جو هو تہ ماڻهن کي عبادت ۽ مذهب جي آزادي هئڻ گهرجي. جيڪو سندن پيدائشي حق آهي. آزاد خياليءَ سبب کيس ڪجهہ ڪٽر پنٿين شھيد ڪيو. سندس جسم کي ايترو تہ ايذايو ويو، جو سندس مڙھہ جو رنگ ئي تبديل ٿي ويو. جڏهن دهليءَ جي سکن کي اها خبر پئي تہ سندس لاش چار سؤ ڪلوميٽر پري آنند پور ڪريا ڪرم لاءِ کنيو پيو وڃي تہ هنن ڪريا ڪرميءَ طور سندس گهر کي باھہ ڏئي ڇڏي.
هن کي 44 سالن جي عمر ۾ سکن جو گرو چونڊيو ويو هو. پاڻ ڏھہ سال گرو رهيو. هي سکن جو آخري گرو هو، هونئن سکن جا 10 گرو مڃيا ويا آهن. مگر ڏهون گرو گرنٿ صاحب (ڪتاب) آهي. هن کي 1675ع ۾ شھيد ڪيو ويو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1621.00.00  عيسوي

گرو تيغ بهادر سنگهه 1621ع ۾ هندستان جي صوبي پنجاب جي امرتسر ۾ ڄائو


1675.00.00  عيسوي

گرو تيغ بهادر سنگهه 1675ع ۾ شهيد ڪيو ويو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

درويش مريد بلوچ
ڪرشن لال ڀيل
جان نثار خان
خواجائي شوڪت
خانبهادر ولي محمد آفندي
جمالي حاجي علي بخش
سوامي گرمکداس مهراج
شاھہ بلاول نوراني
خان خانان بيرام خان
عبدالغفور ميمڻ پروفيسر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون