
ڀائي مردانا
ڀائي مردانا (رباب نواز ):ڀائي مرداني جو جنم سال 1459ع ۾ ڳوٺ راءِ ڀوئي دي تلوندي ضلعي شيخو پوره پنجاب ۾ گرونانڪ صاحب جي جنم کان ڏھہ سال کن اڳ ٿيو. سندس پيءُ جو نالو لاکو ۽ ماءُ جو نالو بدران هو. سندس والدين کي اڳ ۾ جيڪي پنج ڇھہ ٻار ڄاوا هئا، سي سڀ فوت ٿي ويا، انڪري ستين نمبر ٻار جو نالو ڄـمڻ سـان ”مــرجــانـا“ (مري وڃـجـانءِ) رکيو ويو. ’مردانا‘ جي نالي بابت هڪ ٻي روايت آهي تہ سندس نالو، پرنسپال ستبير سنگهہ چواڻي ’رانا‘ رکيو ويو هو، پوءِ جڏهن هن تي گرونانڪ صاحب جو رنگ چڙهيو، تڏهن گرو جيءَ کيس ’مردانا‘ (مردانا=نہ مرندو) ڪري سڏيو، پوءِ سندس اهو نالو مشھور ٿيو. مردانو ذات جو چارڻ هو، جن کي ميراثي بہ چيو ويندو هو. سڄي اتر هندوستان ۾ اها ذات آبرومند هئي؛ هنن کي ورثي جو راکو يا نگهبان سڏيو ويندو هو. ڇاڪاڻ تہ اهي ڄم، موت، ۽ شادي مراديءَ جي موقعي تي ڪٽنبن جي وڏڙن جون تاريخي ۽ خانداني روايتون ۽ ڪهاڻيون ڳائي ٻڌائيندا هئا. مردانو 54 سال گرونانڪ صاحب جي خدمت ۾ رهيو. 1497ع ۾ گرونانڪ جڏهن سفر تي اسهيو تہ مرداني سان گڏ ڀائي لال جي غريباڻي گهر سعيدپور (ايمن آباد) ۾ اچي منزل انداز ٿيو، جتي گرو نانڪ هڪ سال جو عرصو ڪٺن انتر ڌيان ۾ گذاريو، مردانو هر مرحلي ۾ ساڻس گڏ رهيو. مردانو نہ رڳو وڏو سنگيتڪار هو، پر نيڪ طبع انسان بہ هو، اُن ڪري گرو جي کيس ڏاڍو پسند ڪندو هو. مردانو ننڍپڻ کان رباب تي گر ٻـاڻـيـن جو ورد ڪــنـدو هـو. گــرونـانـڪـ عــرب ۽ ايـــران جي ”تاري“ ساز ۾ نواڻ لاءِ ڪجهہ اضافا ڪري، پنھنجي ساٿي مرداني کي رباب جو ماهر ڪري، ڌڻيءَ جي ڪرپا، دَيا ۽ سوڀيا جا ڀڄن ڳارائي، ربابي روايت قائم ڪئي. سک سنگيت جيڪو پوءِ عوامي سنگيت جي سطح طور اُڀري آيو. ان جو پهريون اڳواڻ رباب وڄائيندڙ مرداني کي سمجهيو وڃي ٿو. اڳتي هلي سک سنگيت کي پوءِ ڪلاسيڪي راڳ کان الڳ سمجهيو ويو.
مرداني جا ٽي ڀڄن نوشي جي نندا بابت راڳ بهاڳڙي (وهاڳڙي) ۾ آدي گرنٿ ۾ شامل آهن. گروجيءَ جو نالو رڳو مردانا کي استعمال ڪرڻ جي اجازت هئي. هن کي ٻہ پٽ هئا. راجدا ۽ شاجدا. شاجدا تلوند ۾ ۽ راجدا ڪرتار ۾ رهندو هو. شاجدا گرو انگ ۾ ڳائيندو هو. هن کي وري ٻہ پٽ سانو ۽ سالو ٿيا، جيڪي گرو امرداس ۽ گرو رامداس جا درٻاري گائڪ هئا. وري سندن ننڍا بلوند ۽ ستا گرو ارجن جي درٻار جا راڳي ٿيا. اهي رباب تي ٻاڻيون چوندا هئا.
مردانا جي ديهانت بابت ٻہ روايتون آهن: (1) هي گرو نانڪ جي آخري سفر دوران افغانستان ۾ 39/1538ع ڌاري لاڏاڻو ڪري ويو. (2) ٻيءَ روايت موجب گرو نانڪ سان گڏ موٽي آيو ۽ گرونانڪ جي وفات کان هفتي ڏيڍ بعد سندس مرتيو ڪرتارپور ۾ ٿيو.
• ربابي خاندان مرداني کان ئي شروع ٿيو.