ڀائي ولايت راءِ: هيءُ بزرگ هالن پراڻن جو ويٺل هو. سندس وڏا عامل هئا. هو لاڙڪاڻي ضلعي ۾ روينيو کاتي ۾ تپيدار ٿيو. ان دوران هڪ برهمڻ جي صحبت ۾ رهي گهڻو ڪجهہ پرايائين. هن جي صحبت ۾ ڪيترائي ڪامورا اپديش وٺي رڱجي ويا. هيءُ بزرگ نوڪريءَ کان پوءِ هالن پراڻن ۾ رهڻ لڳو. سال ۾ هڪ ڀيرو روهڙي ’جهوڪ‘ ۽ سيوهڻ جي صوفين سان ملڻ ويندو هو. هو حياتيءَ جي آخري ڏينهن ۾ قنبر شھر اچي پنھنجي شش ڀائي جيوت سنگهہ جي گهر ۾ رهيو ۽ پرلوڪ پڌاريائين. سندس نالي پٺيان قنبر شھر ۾ درٻار بہ آهي، جتي هر سال ميلو لڳندو آهي.