ڀائي ڌرمداس: ڀائي ڌرمداس ڳوٺ مڻين تعلقي قمبر ( موجوده ضلعي شهدادڪوٽ-قمبر ) جو صوفي بزرگ ۽ شاعر ٿي گذريو آهي . هن کي ننڍي هوندي کان وٺي ويدانتي ۽ صوفي بزرگن سان لڳاءُ هو . ننڍيءَ عمر ۾ ئي صوفي وسڻ گهوٽ جي آستان تي روهڙيءَ ويندو هو . وقت به وقت ڪيترو وقت ڳوٺ کان پري هڪ جهنگ ۾ وڃي ذڪر فڪر ڪندو هو . ڪڏهن ڪڏهن اُن جهنگ مان سُڪل ڪاٺين جي ڀري کڻي ، پيرين پيادو ، روهڙيءَ تائين وڃي صوفي وسڻ سائينءَ جي لنگر ۾ آڻي ڏيندو هو .
ڪجهه عرصي کان پوءِ ڌرمداس لاڙڪاڻي شهر پاران هڪ تلاءَ تي پنهنجي چيلي بيکارام سان گڏجي ، هڪ ننڍي جاءِ ٺهرائي اُن ۾ رهڻ لڳو ۽ اُتي پنهنجو آستان ٺاهيائين ۽ سڄي ڄمار ويدانت جو درس ڏيندو رهيو .
ڀائي ڌرمداس تمام گهڻو ڪلام چيو ، جيڪو سندس هٿن اکرن ۾ لکيل هو ، جيڪو ريل ۾ سفر ڪندي چورائجي ويو . جنهن جو ذڪر خوشحالي خوشيرام نيڀلداس ڪتاب ” درويشي ڪلام “ ۾ ڪيو آهي ، جيڪو ڪوڙي مل ’سنڌي ساهتيه منڊل سڌار سڀا ‘ ، حيدرآباد پاران 1932ع ۾ ڇپيو هو ، اُن ۾ ڪيو ويو آهي .
ڀائي ڌرمداس ورهاڱي کان ڪجهه وقت اڳ 80 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو .