
ڀائي ڪنيا
ڀائي ڪنيا ( 1718-1648 ):ڀائي ڪنيا 1648ع ڌاري ڌمڻ کتريءَ جي گهر ضلعي سيالڪوٽ جي شھر وزيرآباد ۾ ڄائو . کيس سيوا پنٿي يا اڌن پنٿي سک فرقي جو باني سمجهيو وڃي ٿو . سندس پيءُ هڪ امير واپاري هو ، پر ڀائي ڪنيا فقيراڻي طبيعت جو ماڻهو هو ، سندس لاڙو مذهب ڏي گهڻو هو ، جوانيءَ کان ئي سُک ۽ شانتيءَ جو متلاشي رهيو . هن جي من کي شانتي تڏهن ملي ، جڏهن هي گرو تيغ بھادر سان مليو ۽ سندس چيلو ٿيو . هن اٽڪ شھر لڳ ڳوٺ ڪهرا ۾ هڪ ڌرم شالا قائم ڪئي ، جيڪا اڳتي هلي سکن جو تبليغي مرڪز بڻي . هن جي زندگيءَ جو مقصد رڳو اهو هو تہ هو بنا لالچ ۽ لوڀ جي عام خلق جي خدمت ڪري ، جنهن ۾ ڪنهن خاص مذهب ، رنگ ، نسل ۽ قوميت جو فرق نہ هجي . 05-1705 ڌاري جڏهن آنند پور سکن جو مرڪز هو . مغلن کين تائي ڏنو تہ ان لاءِ سکن مغل فوج سان مهاڏو اٽڪايو ، انهيءَ جنگ دوران ڀائي ڪنيا جي ڪلهي ۾ پخال هوندي هئي ۽ هو بنا ڪنهن متڀيڌ جي سڀني زخمين کي پاڻي پياريندو نظر ايندو هو . هي مسلمان زخمين جي بہ اهڙي سنڀال ڪندو هو ، جهڙي سک زخمين جي . جنهن تي سکن مٿس تنقيد ڪئي ۽ اهڙي دانهن گرو گوبند سنگهہ کي ڏنائون تہ هو دشمنن سان مليل آهي . کيس دشمنن جي خدمت ڪندي ڏٺو ويو آهي ، جڏهن تہ مغلن شھر جي رسد بند ڪري ڇڏي آهي ، پر ڀائي ڪنيو کين برابر پاڻي پهچائي رهيو آهي . گروبند سنگهہ کيس گهرايو ۽ چيو تہ ڀائي ڪنيا هي تون ڇا ڪري رهيو آهين . دشمنن جي زخمين جي ملم پٽي بہ ڪري رهيو آهين ۽ کين پاڻي بہ پهچائي رهيو آهين . ڇا اهو سچ آهي؟ ڀائي ڪنيا جواب ڏنو ، گرو جي اهو درست آهي ، پر جنگ جي ميدان ۾ مرندي يا زخمي ٿيندي مون نہ سک ڏٺو نہ مغل ڏٺو . مون رڳو انسان ڏٺا ، جيڪي مري ۽ تڙپي رهيا هئا . اهي سڀ هڪ ئي خدا کي ياد ڪري رهيا هئا . مون کي انسانن جي خدمت جو سبق مليو آهي . سکن يا مسلمانن جي خدمت جو نہ!
گرو گوبند سنگهہ سندس جواب کان ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ چيائين تہ هن ئي گُرٻاڻيءَ کي سمجهيو ۽ پرکيو آهي . گرو گوبند پوءِ هن کي ڪجهہ دوائون ڏنيون ۽ چيو تہ تون هاڻي زخمين جي ملم پٽي بہ ڪندو ڪر .
اڄ بہ ڀائي ڪيني جا پوئلڳ هر قسم جي ڀيدڀاؤ کان آجا آهن ، جڏهن بہ ڪو خير جو ڪم ڪندا آهن تہ سڄي انسانيت کي سامهون رکي ڪندا آهن . سندس سنڌ ۾ بہ ڪيترا ئي پوئلڳ آهن .