گيٽ وي آف انڊيا

گيٽ وي آف انڊيا

ڀارت

ڀارت (ملڪ ):ڏکڻ ايشيا جو سڀ کان وڏو ملڪ ڀارت، پکيڙ جي لحاظ کان دنيا جو ستون ۽ آباديءَ جي لحاظ کان ٻيو نمبر وڏو ملڪ آهي. ڀارت جي اتر کان ڏکڻ طـــرف ڊيـگهـه 3200 ڪلوميٽر (ٻہ هزار ميل) ۽ اوڀر کان اولھہ طرف ويڪر 2740 ڪلوميٽر (1700 ميل) آهي. هن جي اتر ۾ دنيا جي بلند ترين چوٽي هماليہ جبل واقع آهي. هن ملڪ جو سرڪاري نالو ’جمهوريه هندستان‘ (Republic of India)، پراڻو نالو آريا ورت هو، قديم راجا ڀرت جي مناسبت سان هن کي ڀارت سڏيو وڃي ٿو.
ڀارت چئن هزارن سالن کان ، سماجي، سياسي ۽ مذهبي سڃاڻپ بحال رکندو آيو آهي. ڀارت ۾ سڀ کان اول سنڌو تھذيب هڪ هزار سالن تائين پنھنجي وجود کي برقرار رکيو. تاريخ نويسن موجب هيءَ تھذيب 2500 ق. م ۾ بہ پنھنجي عروج تي هئي ۽ 1500 ق. م تائين هن تھذيب جو ڦهلاءُ سنڌ کان نڪري نہ رڳو هندوستان، پر افغانستان ۽ ايران جي حدن ۾ بہ نظر اچي ٿو. هن تھذيب جو مرڪز موهن جو دڙو هو. جنهن جا آثار لاڙڪاڻي ضلعي ۾ موجود آهن. جنهن جي کوٽائي جان مارشل ۽ ٻين صاحبن 1922ع ڌاري ڪئي. ساڳي تھذيب جا آثار ڀارت ۾ لوٿل ۽ ڪالي بنگن ۾ پڻ مليا آهن.
هندومت جا پيرا تھذيب جي شروعاتي دور کان ڏسجن ٿا. ان زماني ۾ راڄ ڌڻي يا حڪمران پروهت هوندو هو نہ راجا؛ ۽ پروهت يا مذهبي اڳواڻ خدا جي طرفان مقرر ٿيل تصور ڪيو ويندو هو. ماتا ديويءَ جي پوڄا عام هئي، جنهن جون مورتيون قديم ماڳن تان عام مليون آهن، جنهن اڳتي هلي ڪالي ماتا جو روپ ورتو، ۽ ٽه- منهون ديوتا طاقت جو سرچشمو قرار ڏنو ويو، جنهن کي اڳتي هلي ”شِوَ“ ڪري سڏيو ويو. شِو هتان جو پراڻي ۾ پراڻو ديوتا مڃيل آهي، ان کان سواءِ ڪن جانورن جي پوڄا بہ عام جام هئي. جن ۾ ڍڳي کي خاص اهميت حاصل هئي، جو هُو زرخيزي مت جي علامت هو. موهن جي دڙي ۽ هڙاپا جي کوٽاين کان پوءِ اها ڳالھہ سامهون آئي آهي تہ هتان جا ماڻهو ڪنهن نہ ڪنهن نموني پوڄا سان وابستہ هئا. جنهن اڳتي هلي هندو ڌرم جو روپ اختيار ڪيو. پراچين سمي بابت ڪو گهڻو مواد موجود ڪونه آهي، خود آرين جي اچڻ بابت بہ عالم مختلف رايا رکن ٿا. پر عام روايت اها بہ آهي تہ آريا وچ ايشيا کان 1500 ق. م کان 200 ق. م تائين وقفي وقفي سان ايندا رهيا، جن هتان جي اصل تھذيب کي ڪافي ڌڪ رسايو ۽ هتان جي رهاڪن، جن کي دراوڙ ڪوٺيو وڃي ٿو، انهن کي تڙي ڪڍيو. نون آيل لوڪن پاڻ سان پنهنجو مذهب آندو، پنهنجا ديوتا آندا، جنهن ڪري مقامي ماڻهن ۽ ٻاهرين ماڻهن جا هڪٻئي سان مذهبي جهيڙا بہ هليا. جن جو ذڪر رگ ويد ۾ ملي ٿو. رگويد لاءِ عالمن جو چوڻ آهي تہ اهي آرين/ نون آيل ماڻهن جا رچيل آهن. هتي مقامي ۽ غير مقامي ماڻهن جا مذهبي جهڳڙا اٺين (8) صدي ق. م تائين شدت سان هلندا رهيا. انهي دور ۾ ڪي ديوتا غائب ٿي ويا، ڪن نون ديوتائن معاشري ۾ جنم ورتو، برهما بہ انهي پوئين دور جو ديوتا چيو وڃي ٿو. جنهن سان آتما منسوب آهي، يعني ’هڪ روح‘. هڪ خدا جي تصور انهيءَ دور ۾ جنم ورتو. اهڙي نموني پروهت جي هڪ هٽِي ختم ٿي ۽ بادشاهي نظام جي شروعات ٿي.
هي ملڪ 486-521 ق.م تائين ايرانين جي، 326 ق.م ۾ يونانين جي قبضي هيٺ رهيو. 500 ق.م ڌاري ٻڌ ڌرم هتي گهڻو زور ورتو، جين ڌرم ۽ هندو ڌرم بہ هن ملڪ جا آڳاٽا مذهب آهن. 712ع ڌاري محمد بن قاسم سنڌ فتح ڪئي ۽ هندوستان ۾ اسلامي حڪومتون قائم ٿيون.
هن قديم ملڪ هندستان (ڀارت) ۾ 1502ع ڌاري پورچوگيزن واپاري ڪوٺيون کوليون، ان کان پوءِ ڊچ ۽ ولنديزي ھتي آيا ۽ ان کانپوءِ ھيءُ علائقو مغلن جي قبضي ۾ رھيو. سال 1609ع ۾ برطانوي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ھن ملڪ ۾ واپار جو پروانو حاصل ڪيو، (ڏسو: انڊيا ڪمپني'>ايسٽ انڊيا ڪمپني) ان کان پوءِ انڊيا ڪمپني'>ايسٽ انڊيا ڪمپني آھستي آھستي سڄي ڀارت تي قبضو ڪري وئي. پھرين مهاڀاري لڙائي (1914ع) دوران ھندستان جي ماڻهن ۾ آزاديءَ جو جذبو جاڳيو ۽ ٻيءَ مهاڀاري لڙائيءَ جي خاتمي بعد ڀارت/ هندستان هڪ خود مختيار ملڪ طور 15 آگسٽ 1947ع ۾ ’برٽش انڊيا‘ جي ورھاڱي بعد آزاد ٿيو. پنڊت جواھر لال نھرو ڀارت جو پھريون وزيراعظم ۽ لارڊ مائونٽ بئٽن پھريون گورنر جنرل ٿيو. 26 جنوري 1950ع تي آئين ۾ هن ملڪ کي جمهوريه قرار ڏيندي، ان جو نالو ’ڀارت‘ يا ’انڊيا‘ رکيو ويو. اُن جي پهرئين وزيراعظم جواهر لعل نهرءَ 24 مئي 1964ع ۾ ديهانت ڪئي. سيپٽمبر 1965ع ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جنگ لڳي. روس جي ڪوششن سان جنوري 1966ع ۾ تاشقند وارو معاھدو ٿيو. 10 جنوري، تي لال بھادر شاستري، تاشقند ۾ ديهانت ڪري ويو تہ 19 جنوري 1966ع تي مسز اندرا گانڌيءَ ڀارت جي وزيراعظم جو عھدو سنڀاليو ۽ مارچ 1970ع تائين، ڀارت جي وزيراعظم رھي. (وڌيڪ ڏسو: اندرا گانڌي)
مرڪزي قانون ساز اسيمبليءَ جي دستور موجب، ڀارت ۾ ٻہ ايوان آهن: ھڪڙو ڪائونسل آف دي اسٽيٽس (راجيه سڀا) ۽ ٻيو ھائوس آف دي پيپل (لوڪ سڀا). راجيه سڀا ۾ 250 ۽ لوڪ سڀا ۾ 500 کان وڌيڪ ميمبر نہ ھوندا آهن. ’راجيه سڀا‘ جي حيثيت مستقل آھي، ميمبرن جو ٽيون حصو ھر ٻئي سال بدلجي ويندو آھي. لوڪ سڀا جون چونڊون پنجن سالن کان پوءِ ٿينديون آھن. راجيه سڀا جي چونڊ، ھر رياست جا چونڊيل نمائندا ڪندا آھن ۽ لوڪ سڀا جي چونڊ ووٽر ڪندا آھن. هن وقت ڀارت ۾ ’ڪانگريس‘ پارٽيءَ جي حڪومت قائم آهي، جنهن جي سربراهي هونئن تہ سونيا گانڌي ڪري پيئي، پر سندس پارٽيءَ جو وزيراعظم من موهن سنگهہ، مسلسل ٻيو ڀيرو ان ذميواريءَ تي چونڊيو ويو آهي. ڀارت جي گاديءَ جو هنڌ نئين دهلي آهي.
ھن وقت ڀارت دنيا جي ترقي يافتہ ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو. ڀارت ۾ هندو، مسلمان، سک، عيسائي ۽ ٻين مذهبن جا ماڻهو رهن ٿا. ڀارت آباديءَ جي لحاظ کان دنيا جو ٻيو نمبر وڏو ملڪ آهي. 2008ع ۾ ڀارت جي آدمشماري هڪ ارب، 14 ڪروڙ جي لڳ ڀڳ هئي. طب جي تعليم (ميڊيڪل سائنس) ۽ ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجيءَ ۾ ڀارت ٻين ڪيترن ايشيائي ملڪن کان اڳڀرو آهي.
ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ سياسي ۽ تجارتي لاڳاپا تبديل ٿيندا رهن ٿا. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٽي جنگيون لڳي چڪيون آهن. جڏهن تہ ميڊيا ۽ فلم انڊسٽريءَ جي اوج سبب ڀارت جون فلمون ۽ ڊراما پاڪستان ۾ بہ شوق سان ڏٺا وڃن ٿا.
ڀارت ۾ 28 صوبا آهن: (1) آنڌرا پرديش، (2) ارونچل پرديش، (3) آسام، (4) بهار، (5) ڇتيس ڳڙھہ، (6) گوئا، (7) گجرات، (8) هريانا، (9) هماچل پرديش، (10) ڄمون ۽ ڪشمير، (11) جهارکنڊ، (12) ڪرناٽڪا، (13) ڪيرالا، (14) مڌيه پرديش، (15) مهاراشٽرا، (16) منيپور، (17) ميگهلايا، (18) ميزو رام، (19) ناگالئنڊ، (20) اڙيسا، (21) پـنـجاب، (22) راجسـٿان، (23) سُـڪم، (24) تامـل نـاڊو، (25) تـريـپورا، (26) اُتر پرديش، (27) اتر اکنڊ ۽ (28) اولھہ بنگال.
ڀارت ۾ ڪيتريون ئي ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون. مختلف ثقافتن جا رنگ ڍنگ ڏسڻ ۾ ايندا. هندستان، مختلف صوبن ۾ پراڻن شاهي محلن، مندرن، مسجدن ۽ ڪيترن يادگار ماڳن مڪانن جھڙوڪ: تاج محل، ڪالي بنگن، ڍولا ويرا، اجمير، ٻڌ ڌرم جي يادگارن، اجنتا ۽ ايلورا جي غارن، قطب مينار ۽ لال قلعي دهليءَ جي ڪري بہ مشھور آهي.
1947ع جي ورهاڱي جي ڪري لڏ پلاڻ ٿي هئي ۽ سنڌي هندو ڀارت لڏي ويا ۽ اتان لکين مسلمان لڏي پاڪستان ۾ آيا، جن جو گهڻو تعداد سنڌ ۾ آباد ٿيو. هن وقت لکين سنڌي ڳالهائيندڙ هندُو، هندوستان ۾ آباد آهن، جن مان اڪثريت جو تعلق واپار جي ڪِرت سان آهي تہ ڪي اعليٰ تعليم حاصل ڪري، وڏن عهدن تي رسيا آهن. جڏهن تہ ڪيترائي مشھور شاعر ۽ اديب، جيڪي سنڌ جا ڄاوا هئا يا ڀارت ۾ ڄاوا، اتي آباد آهن.


لفظ ڀارت ھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو