ڀارت ناٽيم (ناچ ):هي ڪلاسيڪي ناچ جو نمونو آهي، جيڪو سڄي ننڍي کنڊ ۾ رائج آهي. پاڪستان، هندوستان، آسام، بنگلاديش ۽ برما ۾ هي ناچ ڪيو وڃي ٿو. روايت آهي ته ڀرت مني نالي ناچ جي هڪ ودوان کي برهما طرفان اهو ناچ منتقل ٿيو. جنهن ’ڀارتيه نٽيه شاستر‘ نالي هڪ پستڪ لکيو، جنهن کي ”پنجون ويد“ ڪري مڃيو وڃي ٿو. هي ڪتاب فنون لطيفه ۽ هندو فلسفي جي اوائلي ڪتابن ۾ شمار ٿئي ٿو. انهيءَ پستڪ تان ئي ڪرناٽڪي موسيقيءَ جا اصول ورتل آهن. نٽيه يا نٽ شاستر جا اصول هڪ رشي آگستيه عام ڪيا، جيڪو ڀرت منيءَ جو شاگرد هو.
آڳاٽن وقتن ۾ ديوداسيون مندرن ۾ هي ناچ نچنديون هيون. ڪيترن ئي قديم آثارن ۽ قديم مندرن ۾ ڀارت ناٽيم جي اصولن موجب ناچ جا چِٽ چِٽيل ۽ اُڪريل مليا آهن، جن ۾ اپسرائون هي سورڳي (بهشتي) ناچ ڪندي ڏٺيون ويون آهن. هي ناچ جيئن ته ديوتائن کي راضي رکڻ ۽ پنهنجي من جي اوجر لاءِ ڪيو ويندو هو، ان ڪري هي ناچ ”ڀڳتي تحريڪ“ جو حصو بنيو؛ جنهنڪري هندو ڌرم وارن وٽ عبادت جو درجو رکي ٿو.
ڀارت ناٽيم جا ڪل ٽي عنصر آهن:
(1) نرتا(Nirtta):ارس گيان جي موزون تال ۽ لئي ۾ چرپر.
(2) نرتيه (Nirtya ):چرپر يا حرڪت جي وسيلي احساسن جو اظهار.
(3) نٽيا (Natya ):ڊرامائي انداز يا قصي ۾ اشارن ذريعي ان جا گڻ ۽ اوصاف چٽا ڪرڻ.
لفظ ”ڀارتا“ جي ناچ جي حوالي سان معنيٰ هيئن ڪئي وڃي ٿي:
1. ڀا (Bha ):معنيٰ ڀاؤ (Bhava) يا احساس جو اظهار، را (Ra) معنيٰ راڳ ۽ تا معنيٰ تال يا لئي. علامتي طور هن ناچ کي شِوَ (Shiva) ڏانهن منسوب ڪيو وڃي ٿو، جيڪو آرين کان به اڳ هتان جو مڃيل ديوتا هو، جنهن جي نالي پويان سنڌ ۾ سيوهڻ (شِوِ- واهڻ/ سيوَستان) ۽ بلوچستان ۾ سبي (شوي) جا شهر يادگار آهن. چيو وڃي ٿو ته سيوهڻ ۾ شِوَ جو تمام وڏو مندر هو. هن ناچ جي خاص حصي آنند ٽانڊوَم (Anand Tandavam) کي خاص شِوَ جو انگ ڪري مڃيو ۽ منسوب ڪيو وڃي ٿو. شِوَ کي چار ٻانهون ڏيکاريل آهن، جن مان ساڄي ٻانهن ۾ ڊمرو ساز جهليل اٿس، جيڪو تخليق ۽ ابتدائي آواز جو اهڃاڻ مڃيو وڃي ٿو. ٻئي ساڄي هٿ سان کيس تال پڪتال ڪندي ڏسيو ويو آهي، ٻئي پاسي يعني کاٻي هٿ ۾ باهه جو شعلو جهليل اٿس، جيڪو روپ بدلجڻ يا روپانتر (Transformation) جو مظهر آهي. ٻئي کاٻي هٿ سان وري ناچ وانگر اشارا ڪندي ڏسيو ويو آهي. سندس کاٻو پير مٿي کڄيل آهي، جيڪو آزاديءَ جو اهڃاڻ ڪري ليکيو وڃي ٿو. جڏهن ته ساڄو پير زمين تي رکيل اٿس، جيڪو برائيءَ ۽ جهالت کي برباد ڪرڻ جو اهڃاڻ آهي.
ڀارت ناٽيم ثقافتي ناچ جو نمونو به آهي، جنهن ۾ سونهن سوڀيا، نزاڪت، ڪوملتا، ۽ فطرت جي عڪاسي ملي ٿي. اڄ ڪلهه پوري ننڍي کنڊ ۾ هي ناچ مشهور آهي ۽ مرد ۽ عورتون وڏي تعداد ۾ هي ناچ ڪن ٿا ۽ ڪيترائي ادارا هي ناچ سيکارين ٿا.
اصل ۾ هي ناچ ڏکڻ هندوستان ۾ ڪائنات جي اسرارن کي اشارن ۽ ڪناين ذريعي اظهارڻ جو وسيلو سمجهيو وڃي ٿو.
اوڻيهين صدي عيسويءَ ڌاري هي ناچ مندرن مان نڪري پهرين راجائن ۽ مهاراجائن جي دربار ۾ پهتو ته ان جي پاڪائيءَ تي اثر پيو ۽ خود ناچ جي ڪن انگن کي به تبديل ڪيو ويو، جيڪي خالص مذهبي ناچ جا انگ هئا، ڇو ته داسيون جڏهن ڪنهن اڻ ڏٺي خدا جي آڏو نچنديون هيون ته انهن ۾ تمام گهڻي نهٺائي ۽ نماڻائي هوندي هئي. راجائن جي درٻار ۾ اچڻ کان پوءِ کانئن ناچ جا اهي اصلي رنگ ڇڏائجي ويا.
هن ناچ ۾ ڪي ساز به شامل هوندا آهن، جن ۾ طبلو، پڪواز، سارنگي، مرڌنگ، جهانجهه ۽ هارمونيم وغيره خاص آهن. عوامي سطح تي هن ناچ کي تنجور قدرت نالي رقاص متعارف ڪرايو. هن وقت هن ناچ کي سيکارڻ لاءِ دنيا ۾ ڪيتريون ئي منڊليون موجود آهن، اصل ۾ هي ناچ تامل ناڊو ۽ ڪرناٽڪ واري علائقي جو آهي، جيڪو 2000 ق.م کان اتي رائج آهي. سندن تصور آهي ته برهما اهو ناچ ڀرت منيءَ کي ڏنو، جنهن نٽيه شاستر نالي ڪتاب ۾ ان کي لکيو. اهو ڪتاب هندوستان جي فنون لطيفه تي اهم ڪتاب ڪري مڃيو وڃي ٿو. هن ناچ نچندڙ ۾ هيٺيون ڏهه خوبيون هجڻ ضروري آهن:
1. جاواها (Jawaha ):جسم ۽ جان ۾ ڦڙتيءَ جو هجڻ
2. اسٿِرا ٿوَم (Sthirathavam ):ٽِڪ يا استرٿا جو هجڻ
3. ريکاچو (Rekhacho ):نزاڪت ڀريو انداز
4. برهماري (Brahmari ):هڪ پير تي نچڻ مهل پاڻ سنڀالڻ جي سگهه جو هجڻ
5. دِرشتر (Drishter ):جسم کي جهلڪو ڏيڻ/ ڏيارڻ
6. شراماها (Shramaha ):سخت محنت جي سگهه
7. ميڌا (Medha ):سڃاڻپ
8. شرَڌا (Shraddha ):عبادت، ڀڳتي
9. واچو (Vacho ):سٺي ڳالهائڻ جو انداز
10. گيتم (Geetum ):ڳائڻ ۾ مهارت .
هي ناچ مرد گهٽ ڪندا آهن، ڇو ته عورت جو جسم هن ناچ نچڻ لاءِ نهايت مناسب آهي، پر مرد هي ناچ سيکاريندا ۽ پڙهائيندا آهن.
هن ناچ جي ڌرمي حيثيت هئڻ ڪري سنڌ جي هندن ۾ ڪافي رائج رهيو. هن وقت هي ناچ هڪ فن جي حيثيت ۾ پاڪستان خاص ڪري سنڌ ۾ سکيو ۽ سيکاريو وڃي ٿو. شيما ڪرماني ۽ ناهيد صديقي ان ڏس ۾ مشهور آهن.