ڀارت ورش

ڀارت ورش: پراڻي مذهبي ادب موجب هيءَ ڌرتي وڏي سائيز جي هڪ پليٽ آهي، جنهن جي وچ ۾ ميرو پربت واقع آهي، جنهن جي چوڌاري سج، چنڊ ۽ تارا پيا ڦرن. ميرو پربت جي چوڌاري چار کنڊ (دويپ) آهن، جيڪي سمنڊن ذريعي ميروءَ جي مرڪزي چوٽيءَ کان جدا ٿيل آهن. اهي کنڊ ميروءَ جي سامهون سامونڊي ڪنارن تي بيٺل وڻن جي نسبت سان سڏيا ويا. ڏاکڻو کنڊ، جنهن ۾ ماڻهن جي آبادي هئي ۽ ’جمبو‘ (گلابي صوف) گهڻي تعداد ۾ هئا، تنهنڪري ان کي ’جمبو دويپ‘ ڪوٺيو ويو. کنڊ جو ڏاکڻو حصو هماليه ذريعي الڳ ٿيل هو، تنهن کي ’ڀرت جي پٽن جو ديس‘ يا ’ڀارت ورش‘ ڪوٺيو ويو. رڳو ڀارت ورش 9000 يوجنن (1 يوجن 4.5 ميل) جي ايراضيءَ تي ڦهليل هو، جڏهن ته سمورو ’جمبو دويپ‘ 33,000 يا ٻين ڪِن ذريعن موجب 100,000 يوجن ايراضيءَ تي ڦهليل هو.
ويدن جي دؤر ۾ به هن خطي کي ’ڀارت ورش‘ ئي سڏيو ويندو هو، جيڪو هيٺين کنڊن ۾ ورهايل هو: اِندر دويپ، ڪس ڪرُومت، تامر-ورڻ، گڀَستي مڻ، ناگا دويپ، سؤمِيا، گانڌروَ، واروڻ. هر هڪ کنڊ تي ’ڀرت‘ جا پونئر راڄ ڪندا هئا، جيڪي بهادر ۽ سورما هوندا هئا ۽ پاڻ کي ڀرت سڏائيندا هئا. آڳاٽا هندستاني پنهنجي ننڍي کنڊ کي ’جمبو دويپ‘ يا ’ڀارت ورش‘ چوندا هئا. هندستان جي موجوده رعيتي حڪومت، 1947ع ۾ انگريزن کان آزادي وٺڻ کان پوءِ، پنهنجي ملڪ جو نالو ’ڀارت‘ اُتان کڻي نئين سر جياريو آهي، پر عرفِ عام ۾ ’هندستان‘ ئي سڏيو ويندو آهي. اهو نالو سنڌو درياهه جي نالي پٺيان پيو آهي. ڇو ته ايرانين کي ’سنڌو‘ اُچارڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي هئي، تنهنڪري اُهي اُن کي ’هندو‘ چوندا هئا. ايرانين اهو لفظ يونانين کي منتقل ڪيو. مسلمانن جي فتحن سبب فارسي نالو واپس هندوستان آيو ۽ اُتان جي رهاڪن جي پراڻي مذهب پويان کين هندو ڪوٺيو ويو. جتي سمورو هندستان انهيءَ اولاهين درياهه جي نالي پٺيان سڏجڻ ۾ آيو، يعني سنڌو مان هندو ۽ هندو مان هندستان.


لفظ ڀارت ورشھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو