ڀارت ورش

ڀارت ورش: پراڻي مذهبي ادب موجب هيءَ ڌرتي وڏي سائيز جي هڪ پليٽ آهي، جنهن جي وچ ۾ ميرو پربت واقع آهي، جنهن جي چوڌاري سج، چنڊ ۽ تارا پيا ڦرن. ميرو پربت جي چوڌاري چار کنڊ (دويپ) آهن، جيڪي سمنڊن ذريعي ميروءَ جي مرڪزي چوٽيءَ کان جدا ٿيل آهن. اهي کنڊ ميروءَ جي سامهون سامونڊي ڪنارن تي بيٺل وڻن جي نسبت سان سڏيا ويا. ڏاکڻو کنڊ، جنهن ۾ ماڻهن جي آبادي هئي ۽ ’جمبو‘ (گلابي صوف) گهڻي تعداد ۾ هئا، تنهنڪري ان کي ’جمبو دويپ‘ ڪوٺيو ويو. کنڊ جو ڏاکڻو حصو هماليہ ذريعي الڳ ٿيل هو، تنهن کي ’ڀرت جي پٽن جو ديس‘ يا ’ڀارت ورش‘ ڪوٺيو ويو. رڳو ڀارت ورش 9000 يوجنن (1 يوجن 4.5 ميل) جي ايراضيءَ تي ڦهليل هو، جڏهن تہ سمورو ’جمبو دويپ‘ 33,000 يا ٻين ڪِن ذريعن موجب 100,000 يوجن ايراضيءَ تي ڦهليل هو.
ويدن جي دؤر ۾ بہ هن خطي کي ’ڀارت ورش‘ ئي سڏيو ويندو هو، جيڪو هيٺين کنڊن ۾ ورهايل هو: اِندر دويپ، ڪس ڪرُومت، تامر-ورڻ، گڀَستي مڻ، ناگا دويپ، سؤمِيا، گانڌروَ، واروڻ. هر هڪ کنڊ تي ’ڀرت‘ جا پونئر راڄ ڪندا هئا، جيڪي بھادر ۽ سورما هوندا هئا ۽ پاڻ کي ڀرت سڏائيندا هئا. آڳاٽا هندستاني پنھنجي ننڍي کنڊ کي ’جمبو دويپ‘ يا ’ڀارت ورش‘ چوندا هئا. هندستان جي موجودہ رعيتي حڪومت، 1947ع ۾ انگريزن کان آزادي وٺڻ کان پوءِ، پنھنجي ملڪ جو نالو ’ڀارت‘ اُتان کڻي نئين سر جياريو آهي، پر عرفِ عام ۾ ’هندستان‘ ئي سڏيو ويندو آهي. اهو نالو سنڌو درياھہ جي نالي پٺيان پيو آهي. ڇو تہ ايرانين کي ’سنڌو‘ اُچارڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي هئي، تنهنڪري اُهي اُن کي ’هندو‘ چوندا هئا. ايرانين اهو لفظ يونانين کي منتقل ڪيو. مسلمانن جي فتحن سبب فارسي نالو واپس هندوستان آيو ۽ اُتان جي رهاڪن جي پراڻي مذهب پويان کين هندو ڪوٺيو ويو. جتي سمورو هندستان انهيءَ اولاهين درياھہ جي نالي پٺيان سڏجڻ ۾ آيو، يعني سنڌو مان هندو ۽ هندو مان هندستان.


لفظ ڀارت ورشھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو