ڀارو مل امراڻي

ڀارو مل امراڻي

ڀارو مل اَمراڻي سوٽهڙ

ڀارو مل اَمراڻي، سوٽهڙ: ڀارو مل ولد ڪانجي مل، امراڻي، سوٽھڙ، 17 فيبروريءَ 1982ع تي چيلھار شهر، تعلقي ڇاڇري ۾ ڄائو. شروعاتي تعليم، تعلقي ڏيپلي جي ڳوٺ ’ڇھي سوٽھڙ‘ ۾ حاصل ڪرڻ کان پوءِ ثانوي تعليم ھاءِ اسڪول مٺيءَ مان حاصل ڪيائين. ڀارو مل امراڻيءَ لکڻ جي شروعات ڏھين ڪلاس ۾ پڙھائيءَ دوران ڪئي. 1996ع ڌاري عبرت مئگزن ۾ روس جي ترقي پسند ليکڪ ٽالسٽاءِ جي آتم ڪھاڻي ترجمو ڪري ”خوشبوءِ جو موت“ جي عنوان سان ڇپايائين. 1997ع ڌاري رفـيع عابديءَ جـو ڪتاب ”تيسري دنيا ڪا ادب“ ۽ ڊاڪٽر مبارڪ عليءَ جو ڪتاب ”تاريخ ڪي نظريات“ ترجمو ڪري روزاني ”جاڳو“ ۽ روزاني ”عبرت“ ۾ قسطوار ڇپايائين. سندس ڪالم، مضمون ۽ شاعري، ”عبرت مئگزين“، ”ھالار مخزن“، روزاني ”ھلال پاڪستان“، روزاني ”پاڪ“، روزاني ”دعا“، روزاني ”سنڌ“ ۽ ماھوار ”صبح ٿيندو“ ۾ شايع ٿيندا رهيا. هي ايم.اي سنڌي آهي. ٿر جي لوڪ ادب، تاريخ ۽ جديد ادب تي ڪافي ڪم ڪري چڪو آهي. ٿر جي لوڪ گيتن تي سندس هڪ مختصر ڪتابڙو ”گيت سانوڻ جا، من ڀانوڻ جا “ (2004ع) ڇپيل آهي. ان کان سواءِ ٿر جي چارڻن جي ٻولن تي ”چتر ٻولي چارڻان“ ۽ مشھور لوڪ شاعر بانڪي داس جي امرڪوٽ بابت چيل دوهن تي مشتمل ڪتاب ”همروٽ ڇيتسي“ ترتيب ڏئي چڪو آهي. کيس ٿر جي ثقافتي ۽ لساني جاگرافيءَ جو بہ سٺو مشاهدو ۽ مطالعو آهي. ڀارو مل، شيخ اياز جي شاعريءَ جو ڍاٽڪيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

17.02.1982  عيسوي

ڀارو مل سوٽھڙ ، 17 فيبروريءَ 1982ع تي چيلھار شهر ، تعلقي ڇاڇري ۾ ڄائو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

گلاب چانڊيو اداڪار
رمضان سٻاهيو ڊاڪٽر
پاٽائي مخدوم فضل ﷲ
پپو سمراٽ
بابو پليجو
جھانگير بادشاھہ
سيد سليمان ندوي
اميران بيگم
آءِ ايڇ ٽانٽن
ٿامس مان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون