ڀارو ۽ حفيظ

ڀارو ۽ حفيظ: ڀارو ۽ حفيظ ارغونن جي آخري دؤر حڪومت ۾ ڳوٺ ماڙيءَ ۾ پيدا ٿيا. ماڙي جا سگھڙ هنن شاعرن کي قديم ترين سگھڙ چون ٿا ۽ سندن راءِ آهي، ته لوڪ ادب جي صنف ’ڏٺ‘ جو بنياد هنن سگھڙ شاعرن رکيو ۽ هي پهريان سگھڙ شاعر آهن جن ’ڪٽيون ويٺي ڪٽي‘ واري ڳجھارت ٺاهي هئي. ان کانپوءِ ان تي ڪيترن شاعرن (سگھڙن) طبع آزمائي ڪئي. ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ سنڌي سندن باري ۾ لکي ٿو ته: ”هو هڪٻئي جا همعصر هئا. البت ڀارو عمر ۾ وڏو هو، حفيظ جو استاد هو ۽ نابين هو، حفيظ اڪثر ڪم ڪار ڪندي ڪا شيءِ يا واقعو ڏسندو هو، ته ٺهه پهه ان تي ڳجھارت ٺاهي وڃي استاد کي ڀڃڻ لاءِ ڏيندو هو ۽ هو ان کي بيتن ذريعي ڀڃيندو هو. هڪ دفعي حفيظ، ڀت جي ڏار ۾ ڏينڀن جو مانارو ڏسي، هيٺين ڳجھارت ٺاهي وڃي استاد کي ڀڃڻ لاءِ ڏني:
’گھرن ۾ گھر گھڻا، گھرن ۾ گھر گھڻا‘
ڀاري ٺهه پهه چيو: ’چٻيندي چڻا ڏينڀو ڏٺا هوند ءِ ِ ڏارَ ۾‘، ڀاري ۽ حفيظ جا اهڙا گڏيل ڳجھارتي بيت ڪيترائي ملن ٿا.
ساڳيءَ ڳجهارت کي عطا حسين موسوي هن طرح لکيو آهي:
گھر ۾ گھر، تنهن ۾ گھر گھڻا،
کڻي اک کڻان ته ناهي بس بصير کي
اڪثر سگھڙن انهن ٻنهي کي ڀائر ڪري سڏيو آهي.


لفظ ڀارو ۽ حفيظھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو