ڀاري

ڀاري: هي ماڳ هڪ قديم آثار/ دڙو آهي، جيڪو ڳوٺ ڀاري، تعلقي روھڙي، ضلعي سکر ۾690 12’ 30” اوڀر 270 32’ 50” ڊگرين تي موجود آهي. هي ماڳ واس ڳوٺ جي اولھہ ۾ 20 ڪلوميٽرن، ڳوٺ سيٿاري کان اولھہ ۾ اڍائي ڪلو ميٽرن ۽ روھڙي شھر کان ڏکڻ- اوڀر ۾ 42 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آھي. هن دڙي تي ٺڪراٺو ڪافي تعداد ۾ پکڙيل آھي، جيڪو سادو، چٽيل ۽ اڪريل نموني جو آھي. هتان سنڌو تھذيب وارو ڳاڙھي تي ڪاري پٽي وارو ٺڪر مليو آهي، ان کان سواءِ هن ماڳ تان مڻيا، ڪنا، مجسمي جون ننڍڙيون ڳچيون، ڍڪڻيون، بَنبيون وغيرہ ھٿ آيون آھن. ھن دڙي جي کوٽائيءَ جي سخت ضرورت آهي.


لفظ ڀاريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو