ڀاس: سنسڪرت زبان جا جيڪي مڪمل ناٽڪ مليا آهن، اهي گهڻو ڪري چوٿين صديءَ جي ناٽڪ ڪار ڀاس جا چيا وڃن ٿا. کوجناڪارن جو چوڻ آهي ته اُهي ڪاليداس (پنجين عيسوي صدي) جي وقت کان اڳ جا آهن، جيتوڻيڪ سڀ اِن ڳالهه تي متفق نه آهن. ڀاس جي مليل ناٽڪن مان 13 ناٽڪ معياري آهن، جن مان: ’سوَپن واسوَدَتَ‘The vision of Vasavadatta) واسوَدت جو سپنو) ۽ ’پرَتي جڻايا گَنڌَرايَنَ‘ Yaugandharayanas’ Vows) گنڌَرايڻ جو سوڳنڌ) اهم آهن.
ڀاس رزميه ڪهاڻين جي آڌار تي ڪافي تعداد ۾ سادا ۽ سٺا ننڍا ناٽڪ به لکيا هئا. هن وقت سنسڪرت- ناٽڪ جي شاگردن کي تعارف طور گهڻو ڪري ڀاس جا ناٽڪ ئي پاڙهيا ويندا آهن. سُورمن جي جذبات چٽڻ ۽ سندن ڪردارن کي انفراديت بخشڻ ۾ ڀاس کي خاص مهارت حاصل هئي. هُن ڪافي ڀيرا رنگ منچ تي تشدد جي عمل کي ناٽڪ ۾ پيش ڪرڻ جي نظرئي جي قاعدن جي ڀڃڪڙي به ڪئي هئي.