ڀاسڪر آچاريه: هندستان جي وچ واري دور جي رياضيدانن ۾ ڀاسڪر آچاريه جو نالو اهم آهي. هُو 1114ع ۾ بيجاپور ۾ ڄائو هو ۽ ڏهن ورهين جي ڄمار ۾ اُتان جي مشھور رياضي دان ۽ جوتش جي علم جي ماهر، سداچاري، گڻوان ۽ ڌرماتما شخص، مهيشور ڀٽ جو وڃي شاگرد ٿيو. جنهن کان هن علم رياضي ۽ جوتش ۾ مهارت حاصل ڪئي ۽ ’بيجا گڻيتا‘ (رياضي)، ’سِڌانتَ سِرومڻي‘ (علم جيوتش) ۽ ”ليلاوتي“ (الجبرا) نالي سان سنسڪرت زبان ۾ منظوم ڪتاب لکيا.
ڀاسڪر آچاريه جي باري ۾ چيو وڃي ٿو تہ هُو ’تفاوتي ڪٽ- جوڙ جي اصولن‘ (Principles of Differential Calculus) جو ماهر هو. رياضيءَ ۾ ٻُڙي (Zero) جي اهميت ۽ لامحدوديت (Infinity) کي مڃيل رياضيدان بہ نہ سمجهي سگهيا هئا، پر هندوستان جي وچ واري دور جي رياضيدانن، اُن کي مُڪمل طور سمجهيو. اوائلي دور جي رياضيدانن اهو سمجهايو تہ /X/0=X، پر ڀاسڪر آچاريا اهو ثابت ڪيو تہ اها لامحدوديت آهي. هُن رياضيءَ جي فارمولي ذريعي اهو ثابت ڪيو تہ لامحدوديت کي جيڪڏهن ونڊيو بہ وڃي تہ بہ اُها لامحدوديت ئي رهندي، جنهن کي هن ريت ظاهر ڪري سگهي ٿو. ∞/X=00
ڊاڪٽر اِسپاٽِس وُوڊ (Dr. Spottiswood) مطابق ”ڪِن بہ ٻن شين کي ڀيٽڻ لاءِ اهو فارمولو ۽ اُن کي ظاهر ڪرڻ جو طريقو هڪ مضبوط مشابهت (Analogy) آهي، ۽ سائنسدانن جي اڪثريت، اِن طريقيڪار مان، زمان توڙي مڪان جي لحاظ کان گهڻو ڪجهہ سکندي ۽ لاڀ پرائيندي.“ ڀاسڪر جي رياضيءَ بابت لکيل ڪتاب ”ليلاوتي“ جو فارسيءَ ۾ ترجمو فيضيءَ ڪيو ۽ انگريزيءَ ۾ ڊاڪٽر ٽيلر ۽ ڪولبر ڪيو آهي.
ڀاسڪر آچاريه جي ڪتاب ”ليلاوتي“ جي پس منظر ۾ سندس زندگيءَ جي هڪ عجيب ۽ دلچسپ ڪهاڻي آهي. هُو جڏهن پنھنجي اُستاد مهيشور ڀٽ جي آشرم ۾ زيرِ تعليم هو تہ سندس ڌيءَ ليلاوتي بہ ساڳئي موضوع ۾ پنھنجي پيءُ جي شاگرد هئي. تعليم دوران ليلاوتي، ڀاسڪر ۾ دلچسپي وٺڻ لڳي، پر هُو پنھنجي اُستاد جي ڌيءَ کي ڀيڻ جي حيثيت ڏيندو هو. جڏهن ليلاوتيءَ جي والدين کيس شاديءَ جي آڇ ڪئي تہ هُن بنھہ انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چيائين تہ ”اهو ناممڪن آهي. ڇو تہ گُروءَ جي ڌيءَ منهنجي ڀيڻ آهي.“ سندس انڪار ڪرڻ تي ليلاوتي قسم کاڌو تہ هوءَ زندگيءَ ڀر شادي نہ ڪندي. ڀاسڪر کيس ائين ڪرڻ کان روڪيو، پر هوءَ پنھنجي هوڏ تي قائم رهي. ڀاسڪر جي تعليم پوري ٿي چُڪي هئي، ان ڪري وڌيڪ اڀياس ڪرڻ لاءِ هُو پنھنجي اُستاد جو آشرم ڇڏي هليو ويو. جڏهن ڪافي عرصو گذري ويو تہ ڀاسڪر رياضيءَ جي سڌانت تي پنھنجي ڪيل پورهئي جي تصنيف ’ليلاوتي‘ کڻي پنھنجي اُستاد جي در تي آيو تہ اُستاد جو تہ ديهانت ٿي چڪو هو ۽ ليلاوتي اَسي (80) سالن جي پوڙهي ٿي چڪي هئي، ليلاوتيءَ جڏهن در کوليو تہ ڏٺائين تہ سندس ئي عمر جيڏو هڪ جهور پوڙهو در تي بيٺو آهي. هوءَ پهرين نظر ۾ کيس سڃاڻي نہ سگهي، پر هُن جڏهن ڪپڙي ۾ ويڙهيل ڪتاب ڪڍي سندس سامهون رکيو تہ اُن تي لکيل ’ليلاوتي‘ پڙهي کيس سڃاڻي ويئي تہ سامهون بيٺل شخص ٻيو ڪو نه، پر سندس ئي ننڍپڻ جي محبت جو پيڪر ڀاسڪر هو. هوءَ دانهن ڪري سندس ڇاتيءَ سان وڃي لڳي ۽ چيائين: ”منهنجي دِل جا ديوتا“. موٽ ۾ ڀاسڪر جي واتان نڪتو: ”منهنجي ڀيڻ! تنھنجي محبت، تنھنجي وڇوڙي، مون کان هيءُ ڪتاب لکرايو آهي، ليلا!“ ائين سندن بي نام محبت، دنيا کي اهو ڪتاب ڏنو.