ڀاشاني عبدالحميد خان

ڀاشاني عبدالحميد خان

ڀاشاني عبدالحميد خان

ڀاشاني، عبدالحميد خان: مولانا عبدالحميد خان ڀاشاني، بنگلاديش جو بزرگ سياستدان، سراج گنج (پٽنا) ۾1880ع ڌاري پيدا ٿيو. هن جاگيرداري نظام ۽ سرمائيداريءَ خلاف ڊگهي جنگ جوٽي. هي خلافت تحريڪ، ڪانگريس، مسلم ليگ، عوامي ليگ ۽ پوءِ نيشنل عوامي پارٽيءَ ۾ شامل رهيو. انگريزن جي خلاف ننڍي کنڊ جي تقريباً سڀني تحريڪن ۾ حصو ورتائين. پاڪستان قائم ٿيڻ کان اڳ هن آسام ۾ تبليغ اسلام لاءِ زور شور سان حصو ورتو ۽ جميعة العلماءِ هند جي شاخ بہ کوليائين. انگريزيءَ ۾ ”آسام هيرالڊ“ ۽ بنگاليءَ ۾ ”مجاهد“ نالي سان اخبارون شايع ڪيائين. بنگال ۾ مولانا محمد علي، مولانا شوڪت علي. مولانا حسرت موهاني ۽ علامہ اقبال سان گڏجي يادگار يونيورسٽي مسلميه ڪاليج جو قيام مولانا صاحب جو وڏو ڪارنامو هو. هو آسام اسيمبليءَ جو ميمبر رهڻ ڪري مسلم ليگ جو صدر بہ رهيو ۽ هارين جي تحريڪ جي اڳواڻي بہ ڪيائين. پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ سڀني تحريڪن کي هڪ جاءِ تي گڏڻ ۽ مسلم ليگ سان ملائڻ لاءِ تمام گهڻي جدوجھد ڪيائين. مولانا صاحب اسلامي يونيورسٽيءَ جي ٺھڻ ۾ تمام گهڻو حصو ورتو. هن پنھنجي سياسي جدوجھد دؤران 22 سال جيل ۾ گذاريا. آخر دل جو دورو پوڻ سبب 17 نومبر 1976ع تي ڍاڪا ۾ گذاري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1880.00.00  عيسوي

مولانا عبدالحميد خان ڀاشاني سراج گنج ( پٽنا ) ۾1880ع ڌاري پيدا ٿيو


1975.11.17  عيسوي

ڀاشاني عبدالحميد 17 نومبر 1976ع تي ڍاڪا ۾ گذاري ويو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خانبهادر خير محمد چانڊيو
حمورابي
برهمچاري پرڀوداس
عالم خان گوپانگ
فقير يار محمد پيرزادو
شاھہ فيصل
فرزانہ پنهور
طاهر محمد نسياني مير
سليمان خان لنڊ
راهوجو منير گوزائي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون