ڀاشاني عبدالحميد خان

ڀاشاني عبدالحميد خان

ڀاشاني عبدالحميد خان

ڀاشاني، عبدالحميد خان: مولانا عبدالحميد خان ڀاشاني، بنگلاديش جو بزرگ سياستدان، سراج گنج (پٽنا) ۾1880ع ڌاري پيدا ٿيو. هن جاگيرداري نظام ۽ سرمائيداريءَ خلاف ڊگهي جنگ جوٽي. هي خلافت تحريڪ، ڪانگريس، مسلم ليگ، عوامي ليگ ۽ پوءِ نيشنل عوامي پارٽيءَ ۾ شامل رهيو. انگريزن جي خلاف ننڍي کنڊ جي تقريباً سڀني تحريڪن ۾ حصو ورتائين. پاڪستان قائم ٿيڻ کان اڳ هن آسام ۾ تبليغ اسلام لاءِ زور شور سان حصو ورتو ۽ جميعة العلماءِ هند جي شاخ بہ کوليائين. انگريزيءَ ۾ ”آسام هيرالڊ“ ۽ بنگاليءَ ۾ ”مجاهد“ نالي سان اخبارون شايع ڪيائين. بنگال ۾ مولانا محمد علي، مولانا شوڪت علي. مولانا حسرت موهاني ۽ علامہ اقبال سان گڏجي يادگار يونيورسٽي مسلميه ڪاليج جو قيام مولانا صاحب جو وڏو ڪارنامو هو. هو آسام اسيمبليءَ جو ميمبر رهڻ ڪري مسلم ليگ جو صدر بہ رهيو ۽ هارين جي تحريڪ جي اڳواڻي بہ ڪيائين. پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ سڀني تحريڪن کي هڪ جاءِ تي گڏڻ ۽ مسلم ليگ سان ملائڻ لاءِ تمام گهڻي جدوجھد ڪيائين. مولانا صاحب اسلامي يونيورسٽيءَ جي ٺھڻ ۾ تمام گهڻو حصو ورتو. هن پنھنجي سياسي جدوجھد دؤران 22 سال جيل ۾ گذاريا. آخر دل جو دورو پوڻ سبب 17 نومبر 1976ع تي ڍاڪا ۾ گذاري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1880.00.00  عيسوي

مولانا عبدالحميد خان ڀاشاني سراج گنج ( پٽنا ) ۾1880ع ڌاري پيدا ٿيو


1975.11.17  عيسوي

ڀاشاني عبدالحميد 17 نومبر 1976ع تي ڍاڪا ۾ گذاري ويو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رحمت ﷲ شوق شڪارپوري
بودن فقير ڀنڀرو
فاطمہ جناح
شيخ محمد اسلم 1
تنوير انجم
خادم منگي ڊاڪٽر
شھناز شيخ
اي آر ناگوري
پاٽائي شھاب الدين سھروردي
زيدي ڊاڪٽر ظفر حسنين
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون