ڀانان مڱڻهار: مائي ڀانان لوڪ گيتن، سهرن، لاڏن جي بھترين گائڪا هئي. مشھور طبلي نواز شھباز ڏنو ۽ ڍولڪ نواز ربڏنو مڱڻهار سندس فرزند آهن. مائي ڀانان، ڳوٺ گيمڙو ضلعي گهوٽڪيءَ جي مشھور مڱڻهار خاندان سان تعلق رکندي هئي، هي خاندان ساز ۽ سنگيت جي وڏي ڄاڻ رکي ٿو ۽ اتر سنڌ ۾ مشھور آهي. مسلمانن توڙي هندن جي شادي ڪاڄن ۾ عورتون مائي ڀانان جي شرڪت کي لازمي سمجهنديون هيون. هيءَ فلاحي ڪمن ۾ بہ علائقي جي مشھور مائي پار پتي ۽ مائي بچي دائيءَ سان گڏ اڳڀري رهندي هئي، آگسٽ 2002ع ۾ وفات ڪيائين.