ڀاناڻو

ڀاناڻو: ’ڀاناڻي‘ جو پوٺو، ڄام ڏاتارجي درگاھہ کان اتر اولھہ طرف سنجهوري ۽ نوابشاھہ تعلقن جي حدن ۾ پکڙيل ھو. جتي جا رهواسي گوادرا ذات جا مشھور آھن. ڀاناڻيءَ جو پوٺو يا پٽ، پاڻيءَ جي اڻاٺ کان مشھور آھي. ھڪ دفعي پير حزب شاھہ پاڳارو ڀاناڻيءَ جي پوٺي مان اچي لنگهيو، ساڻس ھڪ ٻيو امير بہ گڏ ھو، جنھن کي سخت اُڃ لڳي ۽ پير صاحب کيس پنھنجو پاڻي گهرائي پياريو، پوءِ ان امير پير صاحب کان پڇيو تہ ”سائين اوھان جو اھڙو بہ ڪو فقير آھي، جو ھن برپٽ ۾ اوھان جي دعوت ڪري.“ پير صاحب فرمايو تہ ”ھائو، خاصخيلي (وڏي وريام ڏانھن اشارو) آھي.“ پير صاحب جن جي حڪم تي پوءِ وريام خاصخيليءَ، ان برپٽ ۾ سڄي جماعت جي شاندار دعوت ڪري ڏيکاري. مشھور شاعر خليفي نبي بخش بہ پنھنجي شاعريءَ ۾ ”ڀاناڻي“ جو ذڪر هن ريت ڪيو آهي:
تڙ مڙيئي تار ٿيا، ڀريو ڀاناڻو“.


هن صفحي کي شيئر ڪريو