ڀاناڻو: ’ڀاناڻي‘ جو پوٺو، ڄام ڏاتارجي درگاهه کان اتر اولهه طرف سنجھوري ۽ نوابشاهه تعلقن جي حدن ۾ پکڙيل ھو. جتي جا رهواسي گوادرا ذات جا مشھور آھن. ڀاناڻيءَ جو پوٺو يا پٽ، پاڻيءَ جي اڻاٺ کان مشھور آھي. ھڪ دفعي پير حزب الله شاهه پاڳارو ڀاناڻيءَ جي پوٺي مان اچي لنگھيو، ساڻس ھڪ ٻيو امير به گڏ ھو، جنھن کي سخت اُڃ لڳي ۽ پير صاحب کيس پنھنجو پاڻي گھرائي پياريو، پوءِ ان امير پير صاحب کان پڇيو ته ”سائين اوھان جو اھڙو به ڪو فقير آھي، جو ھن برپٽ ۾ اوھان جي دعوت ڪري.“ پير صاحب فرمايو ته ”ھائو، خاصخيلي (وڏي وريام ڏانھن اشارو) آھي.“ پير صاحب جن جي حڪم تي پوءِ وريام خاصخيليءَ، ان برپٽ ۾ سڄي جماعت جي شاندار دعوت ڪري ڏيکاري. مشھور شاعر خليفي نبي بخش به پنهنجي شاعريءَ ۾ ”ڀاناڻي“ جو ذڪر هن ريت ڪيو آهي:
”تڙ مڙيئي تار ٿيا، ڀريو ڀاناڻو“.