ڀانَ: ھڪ ذات جـو نـالــو، سـنـڌ جـي آڳـاٽــن ميـراثـي فـقـيــرن جـي بـرادري، جــن جو خـاص پيـشـو ڪيـرتـون ڪـرڻ ۽ دان وٺـڻ ھـو. سـنـدس مـشـھـور پاڙا ’آمناڻي‘، ’ڇنڊيا‘،’ھرٻا‘، ’موتيا‘، ’ليڏا‘، ’دالا‘، ’ڇناڻي‘ ۽ ’چني پار‘ آھن. چون ٿا ته ’چني پار‘ پاڙي مان ’اِجن فقير‘ ٿيو، جنھن ’ڄام انڙ‘ سمي کان دان ورتو. ڀاڳوڀان سومرن جي دور جو عوامي شاعر ٿي گذريو آهي.