ڀانڀرا: هي هڪ پراڻو قديم شھر هو. مير علي شير قانع ٺٽويءَ کان روايت آهي ته، ”دلوراءِ“ بادشاھہ اروڙ جي تباهيءَ کانپوءِ ڀانڀرا شھر ۾ آباد ٿيو. دلوراءِ کي ڇُٽي نالي هڪ ڀاءُ هو، جيڪو ننڍپڻ ۾ ئي مسلمان ٿي چڪو هو. هن جي مائٽن گهڻيون ڪوششون ڪيون تہ هن کي مسلمان ٿيڻ نہ ڏين، پر اهي سڀ ناڪام ٿيا. ڇُٽو ڀانڀرا مان حج تي ويو. اتي هڪ عورت کي قرآن پڙهندي ٻُڌي بيهي رهيو. عورت پڇيس تہ ڇو بيٺو آهين؟ ڇُٽي وراڻيو، قرآن شريف ٻڌڻ لاءِ ۽ جيڪڏهن مهرباني ڪري مون کي بہ قرآن پاڪ پڙهڻ سيکارين تہ آءُ تنهنجو غلام ٿي رهندس. عورت چيس ته، منهنجي استاد هڪ نينگري آهي. جيڪڏهن تون ڇوڪرين جو لباس پائي هلين تہ آءُ تو کي اتي وٺي هلان. اهڙي طرح ڇُٽو انهي نياڻيءَ وٽ قرآن پاڪ پڙهڻ لڳو. جيڪا نجوم جي علم ۾ بہ ڏاڍي ماهر هئي. هڪ ڏينهن ڇُٽي انهي قاري نينگر کي چيو تہ جڏهن تو کي ٻين جو حال معلوم ٿي سگهي ٿو تہ ضرور پنھنجي حال کان بہ واقف هوندينءَ. اهو ٻڌي نينگريءَ پنھنجي طالع تي نظر ڪري چيو تہ منهنجي شادي سنڌ جي رهاڪو سان ٿيندي. ڇُٽي پڇيو ڪڏهن؟ وراڻيءَ ۾ چيائين تہ عنقريب. وري چيائين ته، اهو ماڻهو ڪٿي آهي؟ قاري نينگر جواب ڏنو ته، اهو ماڻهو تون آهين. جڏهن ڇُٽي جو حال پڌرو ٿيو تہ ان نينگر چيس تہ هتان هليو وڃ ۽ منهنجي مائٽن سان ڳالهائي مون سان نڪاح ڪر. ٿوري وقت کان پوءِ ڇُٽي جو ان ڇوڪريءَ سان نڪاح ٿي ويو.
ڇُٽو ڪجهہ وقت کان پوءِ وطن وريو ۽ ڀانڀرا ۾ اچي رهڻ لڳو. دلوراءِ ظالم جو دستور هو تہ جيڪا بہ ڇوڪري نئين پرڻبي هئي، تنهن کي بدنيتيءَ جي خيال سان زبردستي گهرائي پوءِ واپس اُماڻيندو هو ۽ اهو ئي ڪم دلوراءِ پنھنجي ڀاڄائي (ان نيڪ نينگريءَ) ڇُٽي جي زال سان ڪرڻ چاهيو، پر ڇُٽي پنھنجي گهر واريءَ کي بچائي ورتو ۽ پوءِ انهي ڇوڪريءَ جي بد دعا سبب ڀانڀرا جو شھر عذاب ۾ مبتلا ٿي غرق ٿي ويو. اهو حال ڏسي دلوراءِ توبھہ ڪئي ۽ مسلمان ٿيو. اڳتي هلي دلوراءِ پنھنجي ڌيءَ جو سڱ سيد علي بن عباس کي ڏنو. “