ڀانڀر واهه: تحفته الڪرام ۾ مير علي شير قانع لکي ٿو ته، ”راجا دلوراءِ جي زماني ۾ ڀانڀر واهه جي ڀر ۾ نانيا يا نائون نالي ٻانڀڻ جي گهر ۾ سسئي جنم ورتو. اهو برهمڻ منڌر نالي پنهنجي زال سان گڏ برهمڻ آباد (ڀانڀر واهه) ۾ رهندو هو. هي ٻئي زال مڙس اولاد، خصوصاً پٽ جا طالب هئا، ٿوري وقت کانپوءِ انهن کي هڪ ڌيءَ ڄائي جيڪا تمام گهڻي حسين هئي. پوءِ جڏهن ان خوبصورت نياڻي جو طالع ڏسڻ سان معلوم ٿيو ته هن جي شادي هڪ مسلمان سان ٿيندي، ته ان خدشي سبب انهن سسئي کي هڪ صندوق ۾ رکي ڀانڀر واهه ۾ رکي لوڙهي ڇڏيو. اها صندوق ڀنڀور شهر ۾ اچي ڪناري سان لڳي. ڀنڀور ۾ منهيا (جنهن کي لار به سڏيائون) نالي هڪ ڌوٻي رهندو هو، جنهن جا پنج سئو شاگرد هئا. پر اولاد نه هئس. اها صندوق انهي ڌوٻي کي هٿ لڳي. اهڙي طرح اهو ڌوٻي ۽ ان جي زال سسئي کي الله طرفان نعمت سمجهي پنهنجي اولاد وانگر پالڻ لڳا.“ (وڌيڪ ڏسندا: سسئي پنهون)