ڀانڀر واھہ: تحفته الڪرام ۾ مير علي شير قانع لکي ٿو ته، ”راجا دلوراءِ جي زماني ۾ ڀانڀر واھہ جي ڀر ۾ نانيا يا نائون نالي ٻانڀڻ جي گهر ۾ سسئي جنم ورتو. اهو برهمڻ منڌر نالي پنھنجي زال سان گڏ برهمڻ آباد (ڀانڀر واھہ) ۾ رهندو هو. هي ٻئي زال مڙس اولاد، خصوصاً پٽ جا طالب هئا، ٿوري وقت کانپوءِ انهن کي هڪ ڌيءَ ڄائي جيڪا تمام گهڻي حسين هئي. پوءِ جڏهن ان خوبصورت نياڻي جو طالع ڏسڻ سان معلوم ٿيو تہ هن جي شادي هڪ مسلمان سان ٿيندي، تہ ان خدشي سبب انهن سسئي کي هڪ صندوق ۾ رکي ڀانڀر واھہ ۾ رکي لوڙهي ڇڏيو. اها صندوق ڀنڀور شھر ۾ اچي ڪناري سان لڳي. ڀنڀور ۾ منهيا (جنهن کي لار بہ سڏيائون) نالي هڪ ڌوٻي رهندو هو، جنهن جا پنج سئو شاگرد هئا. پر اولاد نہ هئس. اها صندوق انهي ڌوٻي کي هٿ لڳي. اهڙي طرح اهو ڌوٻي ۽ ان جي زال سسئي کي ﷲ طرفان نعمت سمجهي پنھنجي اولاد وانگر پالڻ لڳا.“ (وڌيڪ ڏسندا: سسئي پنھون)