
ڀانڊاري
ڀانڊاري/ڀنڊالڙي: پئسن گڏ ڪرڻ لاءِ مٽيءَ مان ٺھيل ھڪ قسم جي کڏڻي يا ڀت ۾ ٺھيل جارو، ڀنگالڙو، ڀانڊاري يا ڀنڊالڙي ٻن قسمن جي ٿيندي آھي. گهر جي ڪنھن ڪنڊ ۾ مٽيءَ مان ننڍڙو جارو ٺاھبو آھي، جنھن ۾ ريزگاري يا بچت وارا پئسا وجهبا آھن، ان کي ”کڏڻي“ بہ چوندا آھن تہ ”گُگهہ“ بہ. ٻيو قسم ٺڪر جي ٽڀي جهڙو ھوندو آھي، جنھن ۾ پئسن وجهڻ لاءِ سوراخ ٺھيل ھوندو آھي، ان کي ’ڀانڊاري‘ يا ’ڀنڊالڙي‘ چوندا آھن. ھن وقت گهرن مان ’کڏڻي‘ جو رواج ختم ٿي ويو آھي، پر ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ اڪثر ٻار ڀانڊاري خريد ڪري، ان ۾ سِڪا وغيرہ جمع ڪندا آهن. اتر سنڌ ۾ ان کي ”ڀانڊارو“ بہ چون.