ڀانڊو رتو

ڀانڊو رتو: تعلقي رتيديري جي هڪ ديھہ جو نالو، جنهن ۾ هيٺيان ڳوٺ شامل آهن: ڀانڊو قبو، گل محمد سيال، محمد حسن جلباڻي، ٻڍو جلباڻي، فتح محمد گهوٽو، يار محمد جلباڻي ۽ ڳوٺ ڀانڊو رتو جلباڻي.
ڀانڊو قبو موهن جي دڙي جي سهيوڳي ماڳ طور بہ سڃاتو وڃي ٿو. هن ديھہ ۾ ئي رتي جلباڻيءَ جو قبو بہ آهي، جنهن جي نالي پويان رتيديري جو شھر ٻڌل چيو وڃي ٿو.


لفظ ڀانڊو رتوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو