ڀاوند لاکا

ڀاوند لاکا: هي ڳوٺ قمبر کان پنجن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي اتر طرف، نور واھہ جي ڏاکڻي ڪپ تي آهي. هي ڳوٺ ديھہ لاکا، يونين ڪائونسل قمبر 3 سرڪار رانوتيءَ سان واسطو رکي ٿو. ديھہ ۽ تپي لاکا جو، هي سڀ کان قديم ۽ گهڻ آباديءَ وارو ڳوٺ آهي. هن ڳوٺ جي اوڀر ۾ قنبر شھداد ڪوٽ روڊ تائين اڌ ڪلوميٽر جي مفاصلي جو لنڪ روڊ آهي. اوڀر ۾ ڊٻ جاڙو ۽ ڏيوڙا، ڏکڻ ۾ پير محمد لاکو، رب رکيو لاکو، اولھہ ۾ رئيس ولهاري مغيري ۽ اتر جي ڪنڊ ۾ ڪمال خان چانڊيو ڳوٺ ڪجهہ مفاصلي تي واقع آهن. هتان جا ماڻهو پهريان جهلي ۾ آباد هئا. جهلو ”دائود جي وانڍ“ بہ سڏبو هو، جنهن جا ڦٽل آثار هن ڳوٺ جي اولھہ ۾ ڪجهہ مفاصلي تي ڏسڻ ۾ اچن ٿا. جتي ڪلهوڙا ۽ لاکا ويٺا هئا. ڪلهوڙن جي وڏي ميان دائود جا وڏا اصل نورپور، تعلقي گمبٽ، ضلعي خيرپور جا رهاڪو ۽ هالن واري بزرگ مخدوم نوح رحه جي اولاد مان هئا ۽ ڪنگري جا پير سندن مرشد هئا. پنهنجن مرشدن جي حڪم تي دائود خان هتي آباد ٿيو هو. مختلف روايتن موجب جهَلي جو ڳوٺ 25- 1620ع ڌاري ڪلهوڙن آباد ڪيو. جهلو ان ڪري سڏبو هو، جو انهيءَ ماڳ جي چوڌاري ايترا تہ گهاٽا ۽ ڊگها وڻ هوندا هئا، جو پري کان ڳوٺ جو ڪوبه نالو نشان ڏسڻ ۾ نہ ايندو هو. دائود جي وانڍ ۾ ڀاوند لاکي جي وڏن 80- 1675ع ڌاري جهلي ۾ رهائش اختيار ڪئي هئي. هي بہ اصل نور پور جا رهاڪو ۽ ڪنگريءَ جي پيرن جا معتقد ٻڌايا وڃن ٿا. ڀاوند لاکي جا وڏا پاڻ ۾ نا اتفاقيءَ سبب هتي آباد ٿيا هئا. آبادي وڌي وڃڻ سبب هتان جا سمورا ماڻهو 1775ع ڌاري جهلي جي اوڀر ۾ هاڻوڪي ماڳ تي آباد ٿيا. اهو ماڳ اڳتي هلي ڀاوند لاکا جي نالي سان مشھور ٿيو. ڪلهوڙن، ميرن جي دور ۾ گمناميءَ جي لھر اچڻ ڪري، فقيري گادي سنڀالي ۽ لاکا زمينون سنڀالي زمينداري ۽ طاقتور بڻيا. ڀاوند لاکو 1785ع ڌاري لاڏاڻو ڪري ويو، کيس پٽاڻو اولاد نہ ٿيو. سندس نياڻيءَ جو اولاد هن وقت خيرپور ميرس ۾ رهي ٿو. ڀاوند پنھنجي حياتيءَ ۾ مختلف علائقن مان لاکا قبيلي جا ماڻهو هتي آباد ڪرايا هئا. جن مان ڪن گهراڻن جو اولاد اڃا تائين هتي رهي ٿو ۽ ڪجهہ ماڻهو انگريزن جي دؤر ۾ لڏي ڳوٺ جي ڏکڻ ۾ پير محمد لاکي ۽ رب رکيي لاکي جي نالي سان ڳوٺ ٻڌي ويٺا. پيرمحمد لاکو ۽ رب رکيو لاکو انگريز دور ۾ هتان جا سٺا ۽ طاقتور زميندار هئا، جن جي پونئيرن جي زميندراي اڄ بہ ديھہ لاکا ۾ رهندي اچي. هن خاندان جي وڏڙن موجب ڪلهوڙن جي وڏي ڏاڏي ميان حال (اول) (1725ع- 1640ع) جي پڙپوٽي سڄڻ (1840ع-1732ع) جي شادي، ڪلهوڙي وٽان ٿي هئي. خليفي بخش ڪلهوڙي جا وڏا ان وقت پنھنجي قبيلي جا آڌي سردار هئا. انهن جو ڏاڏو پير ميان جان محمد ڪلهوڙو، ميان شاهل محمد ڪلهوڙي جو سڳو ماسات هو. هي گهراڻو 71-1770ع ۾ ڪلهوڙن سان مٽي مائٽي ڳنڍڻ کان پوءِ آهستي آهستي ڪلهوڙو سڏجڻ لڳو. هن گهراڻي جي مشھور ۽ معروف عالم، ڪاتب ۽ خـطـاط صـابـر ”فـقـيـر“ (1911ع-1795ع) پنهنـجيـن قـلمـي تصنيـفـن ۾ ڪٿي ”ڪلهوڙو“، ڪٿي ”ڪلهوڙيجو“ لکيو آهي، نہ تہ اڪثر جاين تي عرفيت ۾ قريشي ۽ لقب ۾ بانگا (بانڪا) لکي آهي. سندس قلمي نسخن مان مخدومن جي نالن سان قلمي مواد بہ ملي ٿو. هن ڳوٺ ۾ ڪلهوڙن ۽ لاکن جي آبادڪاريءَ کان پوءِ هندو آباد ٿيا. جي پهريان جهَلي جي اتر اولھہ جي ڪنڊ ۾ ”بولچند“ جي ڳوٺ ۾ رهندا هئا. هندو 85-1780ع ڌاري هتي آباد ٿيا. هندن جي آباديءَ کان پوءِ ٻيون ذاتيون آهستي آهستي آباد ٿيون، جن ۾ گوپانگ، نانگراج، جمالي، راهوجا، سومرا، موچي، منگي، سيد، بروهي، چانڊيا، ڏيپر، لوهر، پنهور، ڊکڻ، شيخ، سوهو وغيرہ قابل ذڪر آهن. هينئر مٿين ذاتين مان لاکا، ڪلهوڙا، چانڊيا، ڏيپر، شيخ، سومرا، ابڙا (جيها)، سوهو، سيد ۽ پنهور رهن ٿا. باقي ذاتيون لڏي ويون.
هن ڳوٺ ۾ ڏيپر قبيلي جا ماڻهو اصل ڪنڊياري جا رهاڪو هئا، 1800-1798ع ڌاري درياھہ جي اٿلڻ سبب ڪي لڏي وڃي، وارھہ تعلقي جي ڳوٺ جاني بند ۾، ڪي گهٽهڙ ۾، تہ ڪي وري لاڙڪاڻي لڳ ”نائچن جي ڳوٺ“ ۾ رهيا. 1855ع کان پوءِ آهستي آهستي سڀئي هتي اچي آباد ٿيا. هن قبيلي جا وڏا هئا: الھڏنو خان، ميهر خان، محمد اسماعيل، ساجن خان، خدا بخش ۽ محبت خان. شيخ، شڪارپور مان 1875ع ڌاري لڏي اچي آباد ٿيا. سندن وڏو محمد آچر هو. هي شيخ پاڻ کي ”ڀنڀاڻي“ سڏائين ٿا. شڪارپور ۾ ڀنڀي خان جي نالي سان سندن وڏو هو. اتان پنهنجن سان اڻبڻت ڪري لڏي هتي آباد ٿيا. هتان جا چانڊيا جيڪب آباد جي علائقي ”گهل پور“ جا رهاڪو هئا. 1850ع ڌاري اتان لڏي پهريان قمبر جي ڳوٺ جمعي چانڊيي ۾ ويٺا، جتان پوءِ 1875ع ڌاري هتي ويٺا. هنن جي وانڍ، ڳوٺ کان ڪجهہ قدمن تي اولھہ طرف ۽ قبرستان لڳ اوڀر ۾ اٽڪل 20 گهرن تي ٻڌل آهي. سندن وڏو چاڪر خان هو، جيڪو 1981ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سومرا بہ هتان جا قديمي رهاڪو آهن. هن قبيلي جا ماڻهو اوائلي ڪرت جي اعتبار کان لوهر، ڊکڻ ۽ کٽي سڏجن ٿا. 1877ع ۾ ڪنگ ذات جي ڪجهہ ماڻهن کي ڪلهوڙن هتي پلاٽ ڏئي آباد ڪيو. هي اصل”چارئي جي ڳوٺ“ لڳ عاليوال (فريد آباد، ضلعي دادو) جا رهاڪو هئا. هي گهراڻو 1850ع ۾ اتان لڏي تعلقي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ ”ڪنگا“ ۾ رهيو. سندن وڏا بہ اصل ڪنگن جا رهاڪو هئا. جتان 1877ع ڌاري اهو گهراڻو هتي اچي آباد ٿيو. سيد اصل جيڪب آباد جا رهاڪو هئا. سندن وڏو شير شاھہ هو. هي بہ انگريزن جي دور ۾ هتي آباد ٿيا. پنهور ميرو خان تعلقي جي ڳوٺ ڪنڊيءَ مان ورهاڱي کان پوءِ 1958ع ۾ لڏي آيا، سندن وڏو محمد هاشم هو. انگريز دور ۾ هتان جي هندن کي بہ وڏي اهميت حاصل هئي. هتان جي مڙني مالي ۽ ڪاروباري وسيلن تي سندن رکوالي هئي. هندن کي گهڻو ڪري، هن ڳوٺ ۾ صراف، ڪرياني، سبزيءَ ۽ وکارن جا دڪان هوندا هئا. مسلمان انهن کان گهڻو ڪري قرض تي سامان کڻندا هئا. چيٽي مل، اٽل مل، ريجهو مل ۽ هوندي مل کي ان جون وکاريون هونديون هيون. انهن وکارن ۾ چانور صاف ڪرڻ لاءِ ٺڪر جا جنڊ رکيل هوندا هئا. ڇاڙها ٻانهن ۾ ڇيرون پائي ان ڇڙهيندا هئا. ڳوٺ جي زرعي زمين کي اوائل کان نور واھہ آباد ڪندو رهي ٿو. نور واھہ جي سنڀال لاءِ سرڪار طرفان داروغا ۽ جمعدار بہ رکيل هئا.


لفظ ڀاوند لاکاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو