ڀاون علي شاهه

ڀاون علي شاهه ” ساقي “:پير ڀاون علي شاهه ولد پير محمد شاهه ، 15 فيبروري 1887ع تي ، بدين ۾ ڄائو . سندس خاندان جو سلسلو سيد عبدالقادر جيلانيءَ سان ملي ٿو . ڀاون علي شاهه ، 14 ورهين جو هو ، جو سندس والد پير محمد شاهه وفات ڪئي ، تنهنڪري بدين جي شاهه قادري درگاهه جو سجاده نشين ٿيو . سنڌي ، انگريزي ، عربي ۽ فارسي ٻولين ۾ تعليم حاصل ڪيائين . 20 ورهين جي عمر ۾ شعر چوڻ شروع ڪيائين . ” ساقي “ سندس تخلص هو . وقت جي مشهور شاعرن سان سندن رهاڻيون هيون ، جن ۾ تاج محمد ” مشتاق “ افغان ، ڪرم علي شاهه ” ڪرم “ ۽ مير عبدالحسين خانسانگي “ شامل آهن . سندس چيل ڪلام گهڻو آهي ، مولـودن ، مـداحـن ، ڪـافـيـن ، غـزلـن ۽ قـطعـن تـي مـشتمل آهي . جـوانـيءَ ۾ ، 19 آڪٽوبر 1918ع/ 1331هه تي وفات ڪيائين .


لفظ ڀاون علي شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

15.02.1887  عيسوي

پير ڀاون علي شاهه 15 فيبروري 1887ع تي ، بدين ۾ ڄائو


19.10.1918  عيسوي

ڀاون علي شاهه 19 آڪٽوبر 1918ع تي وفات ڪيائين



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سائل خواجو
ارشاد ڪاظمي ڊاڪٽر
ايم ڪمل
ميون تماچي اوريئڙي وارو
سيد نادر علي شاهه فراق
فقير شير خان جتوئي شائق
جهانگير هاشمي
رضوي سيد مظفر علي شاهه
سيد صدرالدين شاهه
حبدار سولنگي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون