ڀاون علي شاھہ ” ساقي “:پير ڀاون علي شاھہ ولد پير محمد شاھہ ، 15 فيبروري 1887ع تي ، بدين ۾ ڄائو . سندس خاندان جو سلسلو سيد عبدالقادر جيلانيءَ سان ملي ٿو . ڀاون علي شاھہ ، 14 ورهين جو هو ، جو سندس والد پير محمد شاھہ وفات ڪئي ، تنهنڪري بدين جي شاھہ قادري درگاھہ جو سجادہ نشين ٿيو . سنڌي ، انگريزي ، عربي ۽ فارسي ٻولين ۾ تعليم حاصل ڪيائين . 20 ورهين جي عمر ۾ شعر چوڻ شروع ڪيائين . ” ساقي “ سندس تخلص هو . وقت جي مشھور شاعرن سان سندن رهاڻيون هيون ، جن ۾ تاج محمد ” مشتاق “ افغان ، ڪرم علي شاھہ ” ڪرم “ ۽ مير عبدالحسين خان ” سانگي “ شامل آهن . سندس چيل ڪلام گهڻو آهي ، مولـودن ، مـداحـن ، ڪـافـيـن ، غـزلـن ۽ قـطعـن تـي مـشتمل آهي . جـوانـيءَ ۾ ، 19 آڪٽوبر 1918ع/ 1331ھہ تي وفات ڪيائين .
15.02.1887 عيسوي
پير ڀاون علي شاهه 15 فيبروري 1887ع تي ، بدين ۾ ڄائو
19.10.1918 عيسوي
ڀاون علي شاهه 19 آڪٽوبر 1918ع تي وفات ڪيائين