ڀاٽ: ھڪ ذات جو نالو. ڀاٽ جاتيءَ جي ماڻھن کي راڄن جون پيڙھيون ياد هونديون آهن يا وٽن لکيت ۾ موجود هونديون آهن. ماضيءَ ۾ هي قبيلن/راڄن جي شاخن، نکن ۽ شجرن جو تفصيل سيني بہ سيني سانڍي رکندا هئا، جنھن لاءِ کين ساليانو مقرر لاڳ ملندو هو. جيڪڏهن ڪنھن ماڻھوءَ کي پنھنجو شجرو ياد نہ ھوندو هو تہ اھو پنھنجي مقرر ٿيل ’ڀاٽ‘ وٽ ويندو هو، يا کيس پاڻ وٽ گهرائيندو هو تہ هُو پنھنجو دفتر ڏسي، ان مان اُتارو ڪري کيس ڏيندو هو يا برزبان ٻڌائيندو هو. اڄڪلھہ ڀاٽ جاتيءَ جا ماڻهو گهٽجي ويا آهن، پر ٿر جي ننگرپارڪر ۽ ڇاڇري تعلقي ۾ اڃا ڪجهہ گهر موجود آهن. اُنهن مان چنديرام ڀاٽ مشھور هو، جيڪو پارڪريءَ جو شاعر بہ هو.