ڀاٽيا

ڀاٽيا/ڀٽي/ڀاٽي: ڀيرومل مھر چند آڏواڻيءَ پنھنجي ڪتاب ” سنڌ جي هندن جي تاريخ “ ۾ ڀاٽيا ذات لاءِ ڄاڻايو آهي تہ اُهي جيسلمير جي ڀٽي راجپوتن مان آهن ، ۽ ’يادوَ ونشي ‘ آهن . يادوَ ونشين جو گهرو لڙائيءَ بعد دُوارڪا مان زور ٽٽو ۽ پوءِ اُهي الڳ الڳ هنڌن تي هليا ويا ، حڪومتون ڪيائون ۽ شھر ٻڌائون . عيسوي سن کان ڇھہ صديون اڳ ’گج ‘ نالي جادوَ ” گجني “ شھر ٻڌايو ، جيڪو اڳتي هلي ” غزني “ مشھور ٿيو . جڏهن ” گج “ کي فراسات جي حاڪم ماريو تہ جادوَ ، غزني ڇڏي پنجاب هليا ويا . سن 70ع ۾ جڏهن ساڪ لوڪن ۽ سَٿين ، سنڌ ۽ پنجاب تي ڪاھہ ڪئي تہ هنن جادَوَ راجا کي ماريو ، جيڪو ” شاليواهن “ جو پيءُ هو ، بعد ۾ هُو لاهور ۽ مُلتان لڏي ويا . پر ساڪن کين اتان بہ ڀڄائڻ جي ڪوشش ڪئي ، جڏهن تہ شاليواهن سن 78ع ۾ کين شڪست ڏني . انهيءَ ڪاميابيءَ کان پوءِ ” شاليواهن “ جو سن ” شڪ سنبت “ شروع ٿيو .
شاليواهن جي پٽ راجا سڪل ، ” سيالڪوٽ “ جو شھر ٻڌايو هو . شاليواهن جي پوٽي جو نالو ” ڀٽي “ هو ، جنهنڪري ” ڀٽي راجپوت “ سندس نالي پٺيان سڏجڻ لڳا . ” ڀٽيءَ “ مان لفظ ” ڀاٽيا “ نڪتو آهي . ان کان پوءِ ڪيترا ڀٽي پنجاب ڇڏي ” تڻوٽ “ ۽ ” بھاولپور “ ويا ۽ بھاولپور کي گاديءَ جو هنڌ بنايائون . 853ع ۾ هنن جو حاڪم ديواراج هو ، جيڪو ’راول ‘ سڏجڻ ۾ آيو . هن بھاولپور ۾ قلعو جوڙايو . جڏهن محمود غزنويءَ بھاولپور تي ڪاھہ ڪئي تہ ڀٽي راجپوت جيسلمير لڏي وڃي ” لُڊاڻي “ شھر ۾ رهيا . ” جيسل “ نالي هڪ ڀٽي راجپوت 1156ع ۾ ” جيسلمير “ شھر ٻڌرايو ۽ قلعو جوڙايو . جڏهن علاؤالدين خلجيءَ هن شھر کي تباھہ ڪيو تہ ڀٽي ٽڙي پکڙي ويا . 1651ع ۾ سنبل سنگهہ هن ويران شھر کي ٻيهر آباد ڪري ، ان جو نالو جيسلمير رکيو .
سنڌ جا حاڪم سما ، جيڪي ’يادوَ ونسي ‘ هئا ، تن جي صاحبيءَ دوران ” ڀٽي راجپوت “ سندن سهاري ۽ ساٿ سان روهڙيءَ واري واٽ وٺي ٺٽي ۾ آيا ، جتان پوءِ ڪي ڪاٺياواڙ لڏي ويا . سنڌ ۾ گهڻي ڀاڱي ’ڀاٽيا ‘ روهڙيءَ ۾ آباد هئا . ڀاٽين جون ڪجهہ نُکون شڪارپور ۾ بہ رهنديون هيون ، جن جا وڏا جيسلمير مان آيا هئا . انهن ۾ ڦيرواڻي ۽ گاجريا بہ شامل آهن .
ڀاٽيا سنڌ جي اڪثر ننڍن وڏن شهرن ۾ آباد رهيا آهن . روهڙيءَ وارا ڀاٽيا گهڻي ڀاڱي پڪا ويشنو /سبزي خور هئا . ڀاٽين جون 84 نُکون آهن ، جن ۾ گاجريا ، ڪاجريا ، اُڌيسي ، سوني ، گانڌي ، ٻيلا ، جيا ، پرمل ، جاوا ( جابا ) ڇمجينا ، گوڪل ، وانڊر وغيرہ شامل آهن ، ڪيترين نُکن جي اڳيان راءُ ، راميا ، راوءُ پدمسي ، راوءُ پنپال وغيرہ لفظ لڳائين ٿا .
’دَوارڪا پرساد شرما ‘ ، ڀاٽين جو ذڪر ڪندي لکيو آهي تہ اُتر سنڌ ۾ رهندڙ سنڌ واسين جي جاتي ” اگر سيني “ راجپوت هئي ، جيڪي پاڻ کي جادو /يادوَ ونسي ڀاٽيا سڏائڻ لڳا ۽عيسوي سن جي ابتدا ۾ ” ڀٽنڊا “ شھر ٻَڌائي اتي رهڻ لڳا . اَيامن کان پوءِ انهن ڀاٽين مان ڪي موجودہ سنڌ ۾ ۽ ڪي راجپوتانا طرف آباد ٿيا .
هرو ڀائي ٺڪر ، ڪتاب ” لوهِراڻا “ ۾ ڄاڻايو آهي تہ يادَون ، سنڌ جي اوڀر وارين ايراضين ۾ ڀٽي راڄ قائم ڪيو ، حملن ۽ لڙاين جي ڪري سندن ٺاڪر پڻو ختم ٿيندو ويو ۽ هو سنڌ کان ڪڇ ۽ سؤراشٽر طرف هليا ويا ، جيڪي يادوَ ڪُل “ کان سواءِ ” رگهو ڪُل “ جا ڀٽي بہ آهن . ملتان ، لوھہ ڳڙھہ ۽ سنڌ جي اوڀر طرف لوهاڻا راجپوتن جو راڄ هو . هنن بہ شھر ٺهرايا هئا ، پر لڙاين جي ڪري ڪڇ ۽ سؤراشٽر طرف ويا . رگهو ڪُل جا لوهاڻا ڀٽي پنھنجي اڳوڻي ٺڪر پائي قائم رکندي ، پاڻ کي ” ڀاٽيا ٺڪر “ چوائڻ لڳا .
” گُجرات سَرو سَنگره “ ( ڪتاب ) ۾ لکيل آهي تہ ” ڀاٽيا سنڌ ۽ راجستان جي وچ ۾ ” ڀاٽي منار “ جا آهن ۽ لوهاڻا سنڌ جي لوھہ بندر جا آهن . هو اسلامي دؤر جي ڪاهن بعد ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ ۾ آباد اچي ٿيا ۽ وڻج واپار ڪرڻ لڳا .
ڪاٺياواڙ سرو سنگر “ ( ڪتاب ) ۾ بہ ڀاٽين کي جيسلمير جي ڀاٽي راجپوت نسل جو سڏيو ويو آهي . جيڪي اسلامي ڪاهن بعد پنجاب کان سنڌ ۽ پوءِ ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ ۾ وڃي آباد ٿيا .
ڪوي ” هرڪشن جوشيءَ “ لکيو آهي تہ ڀاٽيا گهڻي ڀاڱي هالار پرديش جي کمڀاليا ۽ ڄام نگر طرف وڃي وسيا هئا .
ڀٽي “ ۽ ” ڀاٽيا “ اصل ۾ سنڌو- سووير علائقي جا حاڪم ۽ رهاڪو هئا . ملتان ، پنجاب ، سنڌ ۽ راجسٿان ۾ رهيا ۽ هاڻ بہ رهن ٿا ، بعد ۾ ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ ويا . ڪاٺياواڙ ۾ آباد ٿيڻ کانپوءِ هنن سنڌ جي ياد ۾ اتي ” ڀاٽيا نگر “ جوڙايو ، جيڪو دُوارڪا جي ڀرسان ” ڄام نگر “ ضلعي ۾ اڄ بہ موجود آهي .
ڀاٽيا اڳتي هلي وڻج واپار سان وابستہ رهيا ۽ راجستان جا ڀٽي راڄداريءَ سان لاڳاپيل رهيا .
يادوَ ونسين بابت لکيل ڪتاب ” يادون ونش پرڪاش “ ۾ بہ ڀٽي/ ڀاٽيا راجپوتن بابت ڏنل ڄاڻ جا پيرا لڳ ڀڳ ساڳيا کڄن ٿا . هن ڪتاب ۾ ڄاڻايل آهي تہ ڪرشن جي ٻياسيهين ( 82 ) پيڙهيءَ مان بوندر راجا ٿيو ۽ ان جي چوٿين پُٽ ” بُوپت “ سان ” ڀٽي ونش “ شروع ٿيو . هن ” مھا راول “ لقب اختيار ڪيو ۽ غزني ۽ فراسات جي وچ واري ايراضيءَ تي راڄ ڪندو هو . ڀاٽيا /ڀٽي سندس پويان پنجاب ۽ سنڌ ۾ ويا . سنڌ جي رڻ ۾ ڪيهوڙ راول راجا ” تڻوٽ “ جو قلعو جوڙايو ، ان کان پوءِ ديوراج ، ” ديوراج ڳڙھہ “ جوڙايو . سندس ڇهين پيڙهيءَ مان جيسل 1156ع ۾ جيسلمير جوڙايو . ان کان پوءِ ڪلياڻ سنگهہ 1170ع ۾ تخت نشين ٿيو . ان کان ڪيتريون پيڙهيون پوءِ ” سنبل سنگهہ حاڪم ٿيو ، جنهن جو راڄ جيسلمير کان اُتر ۾ ستلج تائين ، اولھہ ۾ سنڌو نديءَ تائين ، ڏکڻ ۾ مارواڙ ۽ اوڀر ۾ بيڪانير تائين پکڙيل هو . سنبل سنگهہ کان پوءِ ڪنور اَمر سنگهہ گاديءَ تي ويٺو . 1762ع ۾ مولراج حاڪم هو ، هن انگريزن سان دوستيءَ جو ٺاھہ ڪيو . 1820ع ۾ سندس پوٽو گج سنگهہ گاديءَ تي ويٺو ، جنهن 1839ع ۾ انگريزن کي سنڌ طرف لشڪر موڪلڻ ۾ مدد ڪئي هئي .
انگريزن جي ايامڪاريءَ تائين جيسلمير ۾ ڀٽي/ڀاٽي راجپوتن جو راڄ رهيو . هنن جو سنڌ جي سرحد لڳ راڄ هو ، ان ڪري ٻوليءَ ۽ تھذيب ۾ هڪجهڙائي رهي . ڪڇ ۾ جيئن گُجراتي وزن ۽ اُچارن سان سنڌي ٻوليءَ جو واهپو رهيو آهي ، تيئن جيسلمير ۾ بہ راجسٿاني اُچارن جو واهپو رهيو آهي .
سنڌ ۾ ڀاٽيا اڄ بہ وڏي تعداد ۾ رهن ٿا . ماضيءَ ۾ شڪارپور ۾ رهندڙ نُک ڦيرواڻين ۽ گاجرين مان ڪن شخصن 1938ع ۾ ” ڀاٽيا سهڪار منڊل “ نالي هڪ جماعت بہ ٺاهي هئي ، جنهن جو مقصد ڀاٽين جي ترقيءَ ۽ ڀلائيءَ جا ڪم ڪرڻ هو . هن منڊل جو صدر ڪُندن داس ۽ سيڪريٽري ڪلاچند ڀاٽيا وڪيل هو . ويهين صديءَ جي اوائل ۾ هندستان جي ڀاٽين جون ڪانفرنسون ٿيڻ لڳيون . پهرين آل انڊيا ڀاٽيا ڪانفرنس 1913ع ۾ خالق ڏني هال ڪراچيءَ ۾ ٿي . جنهن جي صدارت جوڌپور جي جج راءِ صاحب مُرارجيءَ ڪئي هئي . ٻي ڪانفرنس بمبئيءَ ۾ 1915ع ۾ ٿي ، جنهن جي صدارت ڊاڪٽر هيرا لال ڀاٽيا لاهور واري ڪئي هئي . ٽين ڪانفرنس 1916ع ۾ ٿي هئي ، جنهن جي صدارت شڪارپور جي راءِ صاحب آسر داس موٽارام ڀاٽيا ڪئي . چوٿين ڪانفرنس 1917ع ۾ ڪلڪتي ۾ ٿي ، جنهن جو صدر راءِ صاحب ڪلياڻ . جي . مُرارجي هو .
انگريزي دور ۾ سنڌي ٻوليءَ جو ديوناگري لپيءَ ۾ ” لوهاڻا ڀاٽيا خط “ بہ رائج هو . ڀاٽيا جاتيءَ مان سنڌ جو مشھور اديب ۽ نقاد لڇمڻ ڪومل ڀاٽيا ( ڏسو: ڀاٽيا ، لڇمڻ ڪومل ) بہ آهي ، جيڪو هن وقت دهليءَ ۾ رهي ٿو ۽ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي خدمت ۾ مصروف آهي . ان کان سواءِ جهامنداس ڀاٽيا بہ مشھور اديب ٿي گذريو آهي . ( ڏسو: ڀاٽيا ، جهامنداس ) سنڌ ۾ ڪي . ڪي ڀاٽيا نالي هڪ ڪامورو ٿي گذريو آهي ، جيڪو پوليس کاتي ۾ اهم عهدي تي رهيو آهي .


لفظ ڀاٽياھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو