ڀاڀڙا

ڀاڀڙا: هي جين ڌرم جا مڃيندڙ واپاري ماڻهو آهن. رھڻي ڪھڻي سادي سُودي، دولت ھوندي بہ ڏيکاءُ نہ ڪندا آهن. چوڻي مشھور آھي تہ:
”ڍءُ جهلي ھڪ مينھن، ٻيو ڀاڀڙو“.
هالن ۾ اڄ بہ ’ڀاڀڙا چوڪ‘ موجود آهي، جيڪو ورهاڱي کان پوءِ هندستان کان اچي آباد ٿيل ماڻهن جي رهڻ کان پوءِ ’مهاجر چوڪ‘ سڏجي ٿو. هن چوڪ ۾ اڄ بہ هڪ قديم جين مندر سٺي سالم حالت ۾ موجود آهي.
ڀاڀڙن کي پنجاب جي هڪ ذات ڄاڻايو وڃي ٿو، جن جا مرڪزي مقام هوشيارپور ۽ سيالڪوٽ قصبن ۾ آهن. امرتسر توڙي راولپنڊيءَ ۾ بہ رهن ٿا. لفظ ”ڀاڀڙا“ مذهبي حوالي سان جين مذهب سان واسطو رکن ٿا، پر انهن مان 11 سيڪڙو پنھنجي پاڻ کي هندو ٻڌائين ٿا، جن جو تعلق خاص طور سويتامبر يا جينين جي نرم حصي سان آهي. هو پنھنجي پاڻ کي پهرين هندو ۽ پوءِ جين سمجهن ٿا. سمورا ڀاڀڙا اصل ۾ جين آهن، پر ڪجهہ اوسوال بہ ٻڌايا وڃن ٿا، جن مان اڪثر واپاري آهن. هوشيار پور جا ڀاڀڙا پهاڙن ۾ فتح پور نالي هڪ ڳوٺ جي سالياني ياترا ڪندا آهن، جيڪو هوشيارپور کان اٽڪل 20 ميلن جي مفاصلي تي آهي ۽ اتي انهن جي قديم ۽ وسيع قصبي جون نشانيون موجود آهن. اهي اتي پنهنجن اباڻين مزارن جي پوڄا ڪندا آهن. جالنڌر جا ڀاڀڙا پنھنجي نالي جو سبب اهو ٻڌائين ٿا تہ هڪڙي بير سوامي کين جڻيو پهرڻ جي هدايت ڏني، جنهن کان انڪار ڪرڻ تي هن کين چيو تہ سندن عقيدو راسخ آهي. ان لحاظ کان اهي هندن کان الڳ آهن. ٻئي پاسي گورداسپور جا گهڻا ڀاڀڙا اوسوال ۽ ڪنڊيوال واپاري ٻڌايا ويندا آهن. مسٽر ولسن جو چوڻ آهي تہ سرسا ۾ پٽيالا مان ايندڙ سِک، مهاجر اوسوال واڻين کي ڀاڀڙا چون ٿا.


لفظ ڀاڀڙاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو