
ڀاڏائي، قنبر علي شاهه شريف
ڀاڏائي،قنبر علي شاھ ”شريف“: ڀاڏائي قنبر علي شاھہ، ”شاھه شريف“ جي نالي سان مشھور هي بزرگ شاعر 1207ھہ/ 1792ع ڌاري جنم ورتو. هو هڪ وسيع حلقو رکندڙ شخص هو. ”شاھه شريف ڀاڏائيءَ جو رسالو“ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سهيڙيو آهي. هن رسالي ۾ شاھ شريف جي سوانح ۽ ڪلام سان گڏ سندس فرزند عبدالقدوس شاھه، مريدن فتح فقير ۽ غلام حيدر ٿيٻي (تيرهئي) جي سوانح ۽ ڪلام بہ ڏنل آهي.
قنبر علي شاھه ولد بچل شاھه جا وڏا اُچ شريف جي بخاري سيدن مان هئا. اتي سندس ڏاڏي ڇٽن شاھه جي آخري آرامگاھه آهي. قنبر علي شاھه جو والد بچل شاھه اُتان لڏي ”ڀاڏ“ تعلقي جاتيءَ ۾ آيو. انهيءَ نسبت سان ”ڀاڏائي“ سڏجڻ ۾ آيو. کيس اُتي ئي مڪتب جي تعليم ملي. باقي تعليم کيس گنبالي (تعلقي گهوڙا ٻاريءَ) ۾ ملي، جتي پوءِ سندس والد لڏي وڃي رهيو هو. شاھه شريف جو لاڙو فقيريءَ ڏانهن ٿيو. عبادتون ۽ رياضتون ڪيائين. رڻ پٽياڻيءَ ويجهو هڪ غار ۾ عبادت لاءِ نوَ مهينا وڃي رهيو ۽ خليفي فتح فقير، هڪ سؤ ڏھه فقير وٺي وڃي کيس لڌو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو تہ: درياھہ جي اڀرندي ڪناري تي جهوڪ ۾ اُن وقت شاھ فضل ﷲ قلندر جو غلغلو هو تہ اولھہ طرف شاھه شريف گنبالي ڌڻيءَ جا عقيدت مند ڪھي ايندا هئا. سندس خليفن ۾ پنج فقير وڌيڪ مشھور ٿيا. اُهي هئا: خليفو محمد اسحاق ترڪ، فتح فقير، فقير غلام دل، خليفو سرماڻ جوکيو ۽ خليفو فقير غلام حيدر گرناري.
شاھه شريف ڀاڏائي 56 سالن جي عمر ۾ 1264ھہ/ 1848ع ۾ لاڏاڻو ڪيو. کيس چار فرزند هئا، جن ۾ عبدالقدوس شاھه شاعر ٿيو. شاھه شريف تي شاھه جي رسالي جو نمايان اثر آهي. سندس ڪلام موضوعن توڙي هيئت جي حوالي سان شاھه جي رسالي جو تسلسل آهي. سندس رسالي ۾ شاھه جي رسالي وارا سُر (ڪُل26) آهن. البته ٻہ سُر ويراڳ ۽ ڪامول ٻين نالن سان آهن. ويراڳ ۾ ڀڳتيءَ جي موضوع تي چار دوها آهن ۽ ڪامول ۾ سُر ڪاموڏ (نوري ڄام) جو مضمون آهي.
”شاھہ شريف ڀاڏائي جو رسالو“ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي سهيڙ سان سنڌي ادبي بورڊ سال 1963ع ۾ ڇپايو، جڏهن تہ تصحيح ۽ تحقيق بعد ٻيهر انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ طرفان 1972ع ۾ ڇپايو ويو، جنهن ۾ 398 صفحا آهن.