ڀاڏ مَڪان: تعلقي جاتي، ضلعي ٺٽي جي ديھہ ”ڀاڏ“ ۾ ھڪ ڳوٺ جو نالو، جتي سنڌ جي مشھور شاعر سيد قنبر علي شاھہ المعروف شاھہ شريف ڀاڏائيءَ جنم ورتو هو، جيڪو پوءِ لڏي وڃي ”گنبالي“ تعلقي گهوڙا ٻاريءَ، ضلعي ٺٽي ۾ ويٺو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين. ڀاڏ ۾ جنم وٺڻ ڪري شاھہ شريف، ڀاڏائي مشھور ٿيو. سندس رسالو ”شاھہ شريف ڀاڏائيءَ جو ڪلام“ جي عنوان سان شايع ٿيل آھي.