ڀاڙتِ/ڀاڙِيَتَ: اھا ڳئون يا مينھن، جنھن جو ڦر مري ويو ھجي، يا پنھنجي ڦر ھوندي بہ گاھ، چاري، ’موئري‘ يا نوتي تي کير ڏئي، ان کي ڀاڙت يا ڀاڙيت يعني ڀاڙي تي مڙندڙ چئبو آهي. چؤپائي مال مان مينھن يا ڳئونءَ کي ڏھائيءَ کان اڳ ڦر کي ڌائڻ لاءِ ڇڏيو ويندو آھي، پر جي اتفاق سان ڦر مري پيو تہ اھو جانور ڏھائي ڪرڻ نہ ڏيندو آھي، پوءِ اھڙيءَ صورت ۾ ان کي گاھہ يا ڏارو وغيرہ ڏئي، ڍڏھائي ڪئي ويندي ۽ ان جي اڳيان ’موئرو‘ وغيرہ رکيو ويندو آهي، جنهن کي ڦر سمجهي چٽيندي آهي.