ڀاڳت ( ذات ):لفظ ڀاڳت جي معنيٰ آهي ” پوڄاري “ . هي سنسڪرت جو لفظ آهي ، هن ذات جا اڪثر ماڻهو گوشت ۽ شراب کان پرهيز ڪندا هئا . هي جيئن جيئن عمر رسيدا ٿيندا هئا ، تيئن تيئن مذهبي ريتن رسمن ڏانهن وڌيڪ ڌيان ڏيندا هئا . هندن جي هن نيات وارا ڳچيءَ ۾ ڪنٺا پائي ديوي ماتا جي پوڄا ڪندا آهن . هنن جو واسطو شڪتي ديويءَ جي پوڄا سان آهي . هي سمورا ويشنو ( Vegeterian ) ناهن ، جيئن عام طور تصور ڪيو ويندو آهي ، پر هي گوسائينءَ جا مڃيندڙ آهن . ڪي ڀاڳت گوشت به واپرائين ، پر شراب کان پرهيز ڪن . هندوستان جي اولهه وارن پرڳڻن ۾ رهندڙ ڪانگڙا جي ديوي باجيسريءَ کي پوڄين ٿا . باجيسري جو مندر محمود غزنوي ۽ فيروزشاهه تغلق تباهه ڪيو هو . جوالا مکي ضلعي جي جوالا مکي شهر ۾ باجيسري جو مندر مشهور آهي ، اهو ئي سندن مرڪز آهي . هن ذات جا ڪي فرد سڄي زندگي گوسائينءَ جي نالي مجرد ( ڇڙها ) ٿي گذاريندا آهن . هي ديوي باجيسريءَ جي نالي ورت ( روزا ) به رکن ۽ پنهنجو پاڻ ارپي ڇڏين . ديويءَ جا پوتر ڏينهن چيٽ مهيني جون پهريون 9 چنڊ جون تاريخون آهن . انهن تاريخن تي هي ماڻهو مذهبي رسمون ادا ڪندا آهن ۽ اٽي مان ٺهيل ڏيئا ٻاريندا آهن . جڏهن برهمڻ ’ديوي پنٿ ‘ پڙهندو آهي ته هي سجدي ۾ هوندا آهن . ڪن موقعن تي هي ماڻهو ڪنوارين ڇوڪرين ۾ کٽمٺڙا ۽ مِٺو ڀَت ورهائيندا آهن . 1991ع جي آدمشماريءَ موجب هندوستان ۾ هن قبيلي جا فقط 485 ماڻهو بچيا هئا.