ڀاڳت عالي فقير

ڀاڳت، عالي فقير: هيءُ ڪلهوڙن جي مشھور سپھہ سالار فريد ڀاڳت جو ماسات هو. عالي فقير بہ وڏو سپھہ سالار ۽ بھادر شخص هو. روايت آهي تہ هڪڙي رات سيد شاھہ شمس الدين (جيڪو سيد عبدالله شاھہ گودڙيي جو خليفو هو.) عالي فقير کي خواب ۾ اشارو ڪيو تہ منهنجي تربت جي ويجهو ڳوٺ ٻڌ عالي فقير پنھنجي مرشد ميان نصير محمد ڪلهوڙي سان خواب جو بيان ڪيو. ميان صاحب اجازت ڏني تہ ڀلي وڃي ڳوٺ ٻڌ. عالي فقير، ميان نصير محمد جي مقام ۾ دفن ٿيل آهي. هن ڳوٺ ۾ ڀاڳت قبيلي کانپوءِ ميرواڻي چانڊيا اچي رهيا. سيد شمس الدين شاھہ رحمت عليہ جا مجاور بہ ميرواڻي چانڊيا ٿيا آهن، جيڪي هن وقت بہ هتي آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو