ڀاڳت فقير: ڀاڳت فقير عرف فريد ڀاڳت، ميان نصير محمد ڪلهوڙي جو اعتماد وارو شخص ۽ پنھنجي دور جو وڏو بھادر ۽ اعليٰ صفتن جو مالڪ هو. جڏهن ميان صاحب پنھنجي طاقت کي وڌائڻ شروع ڪيو تہ فريد ڀاڳت کي حڪم ڪيائين تہ درياھہ جي ٻئي ڪناري وارو علائقو حاصل ڪري. فريد ڀاڳت سندس حڪم جي بجا آوري ڪندي پهرين موري جو مڪان هٿ ڪيو، جيڪو شھر بعد ۾ مورو سڏجڻ لڳو ۽ هن وقت ضلعي نوشهري فيروز جو اهم شھر آهي.