ڀاڳت2
ڀاڳت2: سنڌ ۾ رهندڙ ڀاڳت ذات جا ماڻهو گهڻو ڪري مسلمان جت آهن، جيڪي چيو وڃي ٿو ته پنجاب کان اچي هتي آباد ٿيا آهن. لاڙڪاڻي ضلعي ۾ هنن جا ڪجهه ڳوٺ آهن. هن ذات مان ڪيترا نامور ماڻهو ٿي گذريا آهن، جن مان هڪ اياز ڀاڳت مشهور اديب آهي. ڀاڳت ڪلهوڙن جي دور ۾ وڏي اهميت رکندا هئا.