ڀاڳناڙي

ڀاڳناڙي: سنڌ جي ھڪ اڳوڻي رياست، جيڪا هن وقت بلوچستان جي حدن ۾ آهي ۽ 1025ع ڌاري سنڌ جو حصو هئي. هن وقت بلوچستان ۾ موجودہ قلات ضلعي ۾ ”ڀاڳ“ ڳوٺ جي نالي سان موجود آھي، جيڪو ناڙي نئن تي آباد آھي. مير اسماعيل خان جو پوٽو بجير پٽ بيزن سال 1000ھه/ 1529ع ۾ لڏي اچي ڀاڳناڙيءَ ويٺو، ڪڇ (ڪڇي) گنڌاوا ۾ فقط ٻہ نديون آھن: ھڪ ’ناڙي‘ ۽ ٻي ’ڪوھي‘ ناڙي نئن سبيءَ جي اتر اولھہ وارن پھاڙن مان نڪري ٿي. مٺڙي، ايري، حاجي، ٻڍا، ڀاڳ، نصير آباد، پلال، منجهو، ڪندوه ۽ تنبو ڳوٺن وٽان لنگهي، تنبو ڳوٺ وٽ واريءَ ۽ جهنگ اندر غائب ٿيو وڃي. ھن نئن ۾ مينهن وسڻ وقت تمام گهڻو پاڻي هوندو آھي. ڪوھي نئن بولان ماٿريءَ وچان وھي ٿي، جيڪا ڪوھي، خانپور، مھيسر ۽ ڀڳئي نالي ڳوٺن وٽان ور وڪڙ کائيندي وڃي ٿي. ڀڳئيءَ وٽ ان جي ڪناري کي پوک لاءِ پڪو ڪيو ويو آھي، جيئن تہ ناڙي نئن’ ڀاڳ‘ علائقي کي بہ سيراب ڪري ٿي، تنھنڪري ھن ڳوٺ کي ’ڀاڳناڙي“ جي نالي سان سڏيندا آھن. ڀاڳناڙيءَ مان لڏي آيل ھندن توڙي مسلمانن کي ’ڀاڳي‘ يا ’ناڙيوال‘ سڏيو ويندو آھي.
ڀاڳناڙيءَ جو چوپايو مال نھايت ڀلو ٿيندو آھي، خاص ڪري ڀاڳناڙيءَ جو ڳائو نسل مشھور آهي ۽ اھو سنڌ ۾ تمام گهڻو پسند ڪيو ويندو آھي. سبيءَ واري سالياني ميلي ۾ اڪثر ڀاڳناڙي نسل جا ڏاند انعام کٽندا آھن، جيئن تہ ڀاڳناڙيءَ جو علائقو خشڪ ۽ سخت گرم آھي، انھيءَ ڪري ھن نسل جي جانورن ۾ سخت گرميءَ ۽ خشڪي سھڻ جو مادو تمام گهڻو هوندو آھي. ھن نسل جا ڍڳا مضبوط، سخت، قدآور، نھايت چست، تيز رفتار ۽ جسم ۾ ڀريل ٿيند ا آھن، جنھنڪري ڳري ھر ۽ بار لاءِ تمام سٺا ٿين ٿا، انھيءَ ڪري ھن نسل جي ڍڳن جي تمام گهڻي گهرج رھندي آھي. ھن نسل جو رنگ سفيد ۽ سائو ٿئي ٿو، ان جي ڳچيءَ، ڪلھي ۽ ٽنگن جو رنگ ڪجهہ گهرو ڪاراڻ مائل ۽ منهن ويڪرو، اکيون ڀوريون، ڀرون روشن ۽ پنبڻ ڪارا ٿيندا آھن. ان جا ڪن وچولا ۽ ويڪرا لڙڪندڙ ٿيندا آھن. سندن سڱ نرم ۽ مڏا چئن کان 5 انچ ڊگها ٿين ٿا ۽ اهي سڱ سنھا ۽ اٽڪل 8 انچ ڊگها ٿين. ھنن ڍڳن جو ڪنڌ ننڍو، مضبوط ۽ ڪافي گوشت ڀريل ھوندو آھي. هنن جي ڪونهٽ وچولي، ڇاتي ھيٺان جهالر ٿلھي ۽ ننڍي ٿئي ٿي. سندن ٽنگون مضبوط ٿين، پويون ٽنگون ڪشاديون ۽ گوشت واريون، کر وچولا ۽ گولائيءَ تي ٿين، پٺي سڌي ۽ پڇ سنھو ٿئي ۽ کچ (Hock) کان ھيٺ تائين پھچي ٿو ۽ ڇيڙي تي ڪارن وارن جو ڇڳو ٿيندو آهي. ھن نسل جي ڳئون کير گهٽ ڏئي ٿي.


لفظ ڀاڳناڙيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو